ڪهيري

ڪهيري (ذات): ڪھيري ذات وارا حقيقت ۾ سنڌ جي قديم ذات جت جي نسل مان آهن. ’ڪوچ و بلوچ‘ ڪتاب ۾ مير گل خان نصير لکيو آهي: ”ڪھيرن کي اڄڪلهه ڪاهن وارو قبيلو ۽ عجيب صفتن جو مالڪ خيال ڪيو وڃي ٿو. غالباً ڪنھن جابلو نئين جي نالي سان منسوب آهن، جتي ڪھير جا وڻ پيدا ٿيندا هجن.“ ‘تاريخ معصومي‘ ۾ مير معصوم بکري لکيو آهي: ”هنن جي خاندان مان ڪنھن الله لوڪ ۽ بزرگ جوش ۾ اچي ڪھير جي وڻ تي چڙهي، ان تي گهوڙي وانگر سواري ڪئي، جنھن ڪري انھن کي ڪھيري سڏيو ويو.“ ’بلوچ‘ ڪتاب ۾ م. ڪ. پيڪولن واضح طور لکيو آهي ته ”ڪھيري سنڌي آهن ۽ هارپو ڪندڙ آهن“.


لفظ ڪهيريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو