ڪوئلو

ڪوئلو

ڪوئلو

ڪوئلو: هيءُ هڪ معدني پٿر آهي، جيڪو ٻارڻ طور استعمال ٿئي ٿو. ڪوئلو، ڪاربان جي خالص صورت آهي، هن کي انگريزي ۾ چارڪول (Charcoal) ۽ ڪيميائي زبان ۾ ڪاربان (Carbon) چئجي ٿو. هن جو ڪيميائي فارمولو (C) آهي. هي گھري ڪاري رنگ جو نرم پٿر جھڙوٿئي ٿو. ڪوئلو، عام طور زير زمين کاڻين مان کوٽائي ذريعي حاصل ڪجي ٿو. ٻي صورت ۾ ٻارڻ طور ڪتب آيل ڪاٺين مان به ڪوئلو ملي ٿو.
سنڌ جي ضلعي ٿرپارڪر ۾ ڪوئلي جو وڏو معدني ذخيرو 1988ع ۾ ان وقت دريافتٿيو، جڏهن ڳوٺاڻن علائقن ۾ ترقي لاءِ قائم اداري سازدا ۽ برطانوي اداري (برٽش اوورسيز ڊولپمينٽايڊمنسٽريشن) طرفان مٺي پاڻي جي حاصلات لاءِ بورنگ ڪئي وئي. کوٽائي دوران پھرئين مرحلي ۾ مٺي تعلقي جي هڪ ڳوٺ کاريو غلام شاهه مان ڪوئلي/ڪاربان جو ذخيرو هٿ آيو.
ان کان پوءِ پاڪستان ۽ آمريڪا جي زير زمين وسيلا تلاش ڪندڙ ادارن هن خطي ۾ قدرتي وسيلن (ڪوئلي) جي تلاش ۾ حڪومتي سطح تي دلچسپي ورتي. ان سروي دوران مٺي تعلقي ۾ اسلام ڪوٽ ويجهو ڪوئلي جي کاڻ جي تصديق پڻ ٿي. ماهرن جي هڪ اندازي موجب ٿر جي ڏاکڻي حصي ۾ تقريبن 175 بلين ٽن (گهٽ-وڌ) ڪوئلو موجود آهي. اهڙي اندازي کان پوءِ پاڪستان ۾ ڪوئلي جي ذخيرن جو ڪل مقدار 184 بلين ٽن تائين ٿي ويو. اهڙي طرح پاڪستان دنيا ۾ ڪوئلو پيدا ڪندڙ ٻارنھن ملڪن جي فھرست ۾ ستين نمبر تي پھچي ويو.
ٿر جي ڪوئلي واري علائقي جي ڪل ايراضي 9100 چورس ڪلوميٽرآهي. جيڪو مٺي، ڇاڇري ۽ ننگرپارڪر تعلقي تائين پکڙيل آهي. جنھن جي ڊيگهه اتر- ڏکڻ ۾ 140 ڪلوميٽر ۽ اولھه-اوڀر ۾ 65 ڪلوميٽر آهي. هن وقت تائين چار بلاڪن ۾ سروي ڪئي وئي آهي، جن ۾ سينهارو، ورواڻي(بلاڪ I) جي ڪل ايراضي122 چورس ڪلوميٽر آهي. هي بلاڪ اسلام ڪوٽ شھر کان 15 ڪلوميٽر اوڀر طرف آهي. هن بلاڪ ۾ 23 ميٽر ٿولهه سان ڪوئلو، 137 ميٽر اونهائي تي 620 ملين ٽن جي مقدار ۾ موجود آهي. سينگارو- ٻٽڙا (بلاڪ-II)55 چورس ڪلوميٽرن تائين ڦھليل آهي ۽ اسلام ڪوٽ جي اتر ۾ واقع آهي. هن بلاڪ ۾ موجود ڪوئلي جو مقدار 640 ملين ٽن آهي، جڏهن ته ٿولهه 30 ميٽر آهي. صالح جو تڙ(بلاڪ-III)99.5چورس ڪلوميٽر تائين پکڙيل آهي. هن بلاڪ ۾ ڪوئلي جو مقدار 413 ملين ٽن ۽ ويڪر 24 ميٽر آهي. سونل ٻھه(بلاڪ IV) ڪل 82 چورس ڪلوميٽر اتر ۾ واقع آهي. هن بلاڪ۾ 637 ملين ٽن ڪوئلو آهي، جنھن جي ويڪر/ٿولهه 40 ميٽر آهي.
ٿر (سنڌ) ۾ دريافت ٿيل ڪوئلو لگنائٽ (Lignite) ڪوئلو آهي، جنھن ۾ گندرف ۽ رک (خاڪ)گهٽ ٿئي ٿي. هن قسم جي ڪوئلي ۾ سراسري آلاڻ (گهم)46.77 سيڪڙو، رک (خاڪ)6.24 سيڪڙو، ڪاربان 16.66 سيڪڙو، گندرف 1.16 سيڪڙو،گرمي پيدا ڪرڻ جو مقدار 5774 بي ٽي يو/بيٽايونٽ آهي.
اهڙيءَ ريت هي ڪوئلو بجلي جي پيداوار لاءِ نھايت موزون آهي. ان ڏس ۾ حڪومتي سطح تي ٿر ڪول پاور اينڊ ڊيولپمينٽ پراجيڪٽ تحت سيڙپڪاري ۽ ترقيءَ جا منصوبا هلندڙ آهن، جن جي مدد سان بجليءَ جي پيداوار کي يقيني بڻايو پيو وڃي.


لفظ ڪوئلوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو