ڪوئل (گيت): هي گيت گهوٽ جي ڄڃ تيار ٿيڻ وقت زالون ڳائينديون آهن. هن ۾ سڀني عزيزن جيئن ڏاڏو، پيءُ، چاچو، مامو، ماسڙ، پڦڙ، نانو، ڀائر، ڀائيٽا، سنگتي ساٿي ۽ انھن جون زالون جي سڄي ڪم ڪار جي سرانجاميءَ ۾ حصو وٺنديون آهن، تن جو ذڪر هوندو آهي.