
ڪوئو
ڪوئو: ڪوئي جو Rattus rattus حياتياتي نالو ۽ انگريزي ۾ Ratجي نالي سان سڏجي ٿو. ڪوئي جي پُٺي گھري سرمائي ۽ پيٽ هلڪو سرمائي هوندو آهي. پڇ ڊگهو کهرو ۽ لسو ٿئي ٿو. مٿيون چپ ورڇيل، ڪن گول ۽ وارن کانسواءِ اٿس. گهرن، اناج جي گودامن، دڪانن، ڀانڊن يا انهن جي ڀر پاسي ۾ رهندو آهي. رات جو نڪرندو آهي پر اونداهن ڪمرن ۾ ڏينھن جو به ڪارروايون ڪندو رهندو آهي. ان جو پيشاب کاڌ خوراڪ جي شين تي پوڻ سبب موتمار بيماري ’فساد هضم‘، ’غذائي زهر‘ Salmonella پکڙجي ٿي. ان کانسواءِ طائون جا جيوڙا پکيڙن جو ڪارڻ بڻجي ٿو. جسم تي موجود ڪارڙن Flees جي ذريعي اهي ’ڪارڙا‘ Rabies, Trichinosis, Scrublyphus به پکيڙي سگهن ٿا. هي ڪوئو اُڀن وڻن تي به چڙهي ويندو آهي ۽ ميون کي نقصان پھچائيندو آهي. تمر جي وڻن ۾ به آکيرو ٺاهي ٿو. سال ۾ ڇهه ست يا وڌيڪ ٻچا ڄڻي ٿو.