ڪواري پٽ (ماڳ): هي ماڳ ضلعي خيرپور ميرس شادي شھيد مزار کان ساڍا ٽي ڪلو ميٽر، ڏکڻ ۾ آهي. هيءُ اوائلي زماني ۾ پاهڻي دور جي ماڻهن جو پٿرن مان اوزارن ٺاهڻ جو هنري هنڌ هو. جيڪو 120 ميٽرن جي گول دائري ۾ پکڙيل آهي. 1995ع ڌاري 60 چورس ميٽرن ۾ کوٽائي ڪئي وئي. هتان ڪجهہ قدر ڪوئلو پڻ مليو آهي، جنھن جي ڪاربان تاريخ 2.870-70 ق.م ٻڌائي وڃي ٿي. هتان پٿر جون ڪورون، ڇلون ۽ پٿر جا هٿوڙا مليا آهن.