ٻرڙو ڪوثر

ٻرڙو ڪوثر

ڪوثر ٻرڙو

ڪوثر ٻرڙو: ڪوثر ٻرڙي جو اصل نالو غلام قاسم ولد نبي بخش ٻرڙو آهي. هن پھرين سيپٽمبر 1958ع تي ڳوٺ جاني ٻرڙي، تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. ايم. اي (بين الاقوامي تعلقات ۾ 1983ع) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين. هن 3 نومبر 1983ع تي عملي زندگيءَ جي شروعات پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ اڪيڊمي اسلام آباد کان ڪئي. تنھن کانپوءِ ڪراچي، حيدرآباد، خيرپور، لاهور، تربت ۽ لاڙڪاڻي ريڊيو اسٽيشنن تي ڪم ڪرڻ بعد ريڊيو پاڪستان خيرپور جو اسٽيشن ڊائريڪٽر ۽ آخر ۾ براڊ ڪاسٽنگ اسٽيشن اسلام آباد جو ڊائريڪٽر جنرل رهيو. گهڻي وقت کان شاعري ڪندو رهيو آهي ۽ نثر به لکندو رهيو آهي. سندس ڪتاب ’اوجاڳا ۽ خواب‘ (شاعري، 2000ع)، ’ياد گهر‘ (ساروڻيون ۽ خط، 2002ع)، ’تنھن عشق کي شاباس‘ (رومانوي قصا، 2004ع)، ’تون منھنجو صنم آهين‘ (شاعري، 2005ع)، ’امر راڳي امر گيت‘ (سرمد سنڌي جا ڳايل گيت، 2005ع)، ’فن ۽ فنڪار‘ (فنڪارن جا انٽرويو، 2007ع) ۽ ’اڏاڻا احساس‘ (ريڊيو ڪمپيئرنگ، 2009ع) ڇپيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

01.09.1958  عيسوي

ڪوثر ٻرڙي جو اصل نالو غلام قاسم ولد نبي بخش ٻرڙو آهي. هن پھرين سيپٽمبر 1958ع تي ڳوٺ جاني ٻرڙي، تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد محمد شجاع ثاني
صوفي نيڀراج سوٽهڙ
راڄڙ ولي بخش
ساز علي ساز
صهبا اختر
حبيب ساجد
اڪبر ساگر
غلام مصطفيٰ مھجور
آخوند لطف ﷲ لطف قريشي
زيدي مصطفيٰ
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون