
ٻرڙو ڪوثر
ڪوثر ٻرڙو: ڪوثر ٻرڙي جو اصل نالو غلام قاسم ولد نبي بخش ٻرڙو آهي. هن پھرين سيپٽمبر 1958ع تي ڳوٺ جاني ٻرڙي، تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. ايم. اي (بين الاقوامي تعلقات ۾ 1983ع) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين. هن 3 نومبر 1983ع تي عملي زندگيءَ جي شروعات پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ اڪيڊمي اسلام آباد کان ڪئي. تنھن کانپوءِ ڪراچي، حيدرآباد، خيرپور، لاهور، تربت ۽ لاڙڪاڻي ريڊيو اسٽيشنن تي ڪم ڪرڻ بعد ريڊيو پاڪستان خيرپور جو اسٽيشن ڊائريڪٽر ۽ آخر ۾ براڊ ڪاسٽنگ اسٽيشن اسلام آباد جو ڊائريڪٽر جنرل رهيو. گهڻي وقت کان شاعري ڪندو رهيو آهي ۽ نثر به لکندو رهيو آهي. سندس ڪتاب ’اوجاڳا ۽ خواب‘ (شاعري، 2000ع)، ’ياد گهر‘ (ساروڻيون ۽ خط، 2002ع)، ’تنھن عشق کي شاباس‘ (رومانوي قصا، 2004ع)، ’تون منھنجو صنم آهين‘ (شاعري، 2005ع)، ’امر راڳي امر گيت‘ (سرمد سنڌي جا ڳايل گيت، 2005ع)، ’فن ۽ فنڪار‘ (فنڪارن جا انٽرويو، 2007ع) ۽ ’اڏاڻا احساس‘ (ريڊيو ڪمپيئرنگ، 2009ع) ڇپيل آهن.
01.09.1958 عيسوي
ڪوثر ٻرڙي جو اصل نالو غلام قاسم ولد نبي بخش ٻرڙو آهي. هن پھرين سيپٽمبر 1958ع تي ڳوٺ جاني ٻرڙي، تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.