ڪورائين واري ڍنڍ
ڪورائين واري ڍنڍ: هيءَ مشھور ڍنڍ تعلقي موري جي ديھه ڪورائيءَ ۾ موجود آهي. پنھنجي اوج واري دؤر ۾ هن ڍنڍ ۾ ڪيترن ئي قسمن جي مڇي ٿيندي هئي. سياري جي مند ۾ هتي پرڏيھي پکي پڻ گهڻي تعداد ۾ اچي لھندو هو. هيءَ ڍنڍ اڄڪلهه ماحولياتي گدلاڻ ۽ پاڻيءَ جي اڻاٺ سبب ختم ٿي رهي آهي.