ڪورائي (ذات): چيو وڃي ٿو ته مير جلال خان جي هڪ پٽ جو نالو ڪورائي هو، جنھن جي اولاد پاڻ کي ڪورائي سڏايو. مولانا نور احمد فريدي ’بلوچ موجب ’ڪور‘ بلوچي ۾ درياهه يا نديءَ کي چوندا آهن. ان جو مطلب ته دريا ۽ نديءَ جي ڪنارن تي رهڻ وارن کي ڪورائي چئبو آهي. هي سنڌ ۽ پنجاب ۾ رهن ٿا ۽ هنن جي اڪثريت سرائڪي ڳالهائيندي آهي.