ڪورائي واهه (وهڪرو): هي آڳاٽو واهه آهي، جنھن کي ڪورائي قبيلي وارن کوٽايو هو، ان ڪري مٿس ڪورائي واهه نالو پيو. هي واهه گهوٽڪي تعلقي جي گيمڙو ڍنڍ مان نڪري ٿو. ساڍن اوڻيھن ميلن جي ڊيگهه وارو هيءُ واهه سورهن فوٽ ويڪرو آهي. هن واهه تي هزارين ايڪڙ زمين جي پوکي ٿئي ٿي.