ڪورنگي کاري (Korangi Creek): هيءَ کاري ڪراچيءَ جي ڌاري ٻيٽ، حاجي دائود ڳوٺ ۽ ڳوٺ حاجي ايوب لڳ موجود آهي. هيءَ کاري ڪراچيءَ جي ڏکڻ اوڀر ۾ سمنڊ مان نڪري اوڀر طرف وڃي ابراهيم حيدريءَ جي ڏکڻ کان ٿيندي ڳوٺ چشما وٽ ڪڏيري درياهه/ نار ۾ ڇوڙ ڪري ٿي، جيڪا رتي ڪوٽ وٽ دنگ ڪري ٿو. ڪورنگي کاري جي اوڀر ۾ باڪراڻ نار آهي، جنھن تي سنڌ جو ٻيو نمبر بندر پورٽ قاسم ٺھيل آهي.