ڪوري: (ذات/ڌنڌو): عام طرح ڪورو ڪپڙو اُڻندڙ کي ’ڪوري‘ چئبو آهي. نئين تيار ٿيل ڪپڙي کي ’ڪورو ڪپڙو‘ سڏبو آهي. ڪورو ڪپڙو اُڻندڙ/ٺاهيندڙ پورهيتن تي ’ڪوري‘ نالو پئجي ويو. مطلب ته ڪورو ڪپڙو ٺاهيندڙ سنڌ جون ڪيتريون ذاتيون ڪورڪو ڌنڌو ڪرڻ ڪري ڪوري سڏجڻ لڳيون ۽ هاڻي اها هڪ ذات بڻجي چڪي آهي.