ڪوري کاري

ڪوري کاري: لاڙ جي کاري واري ايراضيءَ ۾ ڪيتريون ئي کاريون آهن، جن مان هيءَ به هڪ آهي. 1819ع واري زلزلي کان اڳ، ’پراڻ‘ ۽ ’ريڻ درياهه‘ هن کاريءَ ۾ ڇوڙ ڪندا هئا. زلزلي کان پوءِ هن کاريءَ جي حيثيت هڪ ’نار‘ جھڙي وڃي رهي آهي. 1833ع ۾ ڪئپٽن ڪارليس هن جي جانچ جو نچور ڪرائي سندس (ڪئپٽن ڪارليس) بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته ’ڪوري کاري‘ سنڌ ۽ ڪڇ جي ڏکڻ ۽ ڏکڻ-اوڀر جي حد ڏيکاريندي هئي. 1873ع ۾ هن کاريءَ جي اها صورت وري به بدلجي وئي ۽ درياهه جي شاخ جھڙي ٿي پيئي ۽ سندس منھن ڇھه ميل ويڪرو ٿي ويو. سنڌ جو ڪنارو هيٺ هئڻ سبب، ڪڇ جي طرف کان ڏسڻ ۾ ڪانه ايندي هئي. هيءَ کاري، ’ڪوٽاسر‘ کان لنگهي ، لکپت تائين ويندي هئي. لکپت وٽ هن جي ويڪر، 200 وال هوندي هئي. انهيءَ هنڌ، تراکڙي به هوندي هئي. هن کاريءَ تي سنڌڙي بندر آباد هوندو هو، جيڪو 1819ع کان پوءِ تباهه ٿي ويو. هن وقت به هيءَ کاري چڱي حالت ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو