ڪوشش اخبار

ڪوشش اخبار

ڪوشش

ڪوشش (اخبار): روزاني ڪوشش حيدرآباد سنڌ مان 23 جولاءِ 2001ع تي سنڌي ٻوليءَ ۾جاري ٿيڻ لڳي. عوامي مسئلن کي کڻڻ جي حوالي سان ڪوشش اتر سنڌ ۾ بيحد مقبول رهي. هن اخبار جو پھريون ايڊيٽر رشيد راڄڙ ۽ نيوز ايڊيٽر فاروق سومرو هيا، جڏهن ته پبلشر محمد اڪرم ۽ پرنٽر محمد اسماعيل خان هو. رشيد راڄڙ کان پوءِ نعمت کھڙو ايڊيٽر رهيو. جڏهن ته 2024ع کان هن اخبار جو مالڪ محمد ايوب قاضي ايڊيٽر رهيو آهي. هي اخبار به ’ڪاوش گروپ آف پبليڪيشن‘ اداري جي آهي.


لفظ ڪوششھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو