ڪوشليا

ڪوشليا: پھرين سنڌي فلم ’ايڪتا‘ جي هيروئن ڪوشليا، اتر پرديش، هندستان جي مشھور ڪٿڪ ڪلاڪار لڇو مھراج جي ڌيءُ هئي. هُوءَ هندي فلمن جي بھترين اداڪاره، ڳائڻي ۽ رقاصه هئي. ڪٿڪ ناچ تي کيس عبور حاصل هو، جنھن جي سکيا هن پنھنجي والد کان ورتي. هن 1939ع ۾ سنڌي فلم ’ڀولي ڀالي‘ ۾ ڪم به ڪيو. جڏهن رئيس ڪريم بخش نظاماڻي 1942ع ۾ سنڌي فلم ’ايڪتا‘ ٺاهي، ته ميوزڪ ڊائريڪٽر گلشن صوفيءَ جي معرفت ڪوشليا کي هيروئن لاءِ چونڊيو ويو. جنھن مادري ٻولي هندي هجڻ باوجود هري شوداساڻي جي مدد سان سنڌي ڊائلاگن کي ادا ڪرڻ ۾ نڀايو. اها فلم تاج سئنيما، ڪراچي ۽ پوءِ ٻين سينيمائن ۾ به ڏيکاري وئي هئي.


لفظ ڪوشلياھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو