
ڪوشي لالواڻي
ڪوشي لالواڻي: سنڌ ۽ هند جي نامور گلوڪاره، ڪمپوزر، فلم پروڊيوسر، ڊرامھ آرٽسٽ ۽ گيتڪار ڪوشي لالواڻيءَ جو جنم حيدرآباد سنڌ ۾ نارائڻداس منڪاڻيءَ جي گهر ۾ ٿيو. هن، پئٿالاجيءَ ۾ بي. ايس. سي (B.Sc) جي ڊگري حاصل ڪئي آهي. هن ڪيترن ئي مشھور آرٽسٽن توڙي ڊائريڪٽرن جھڙوڪ: جئه ميگهاڻي، انيلا سندر، جولي تيجواڻي ۽ پرڪاش واسواڻيءَ سان گڏ ڪامياب ناٽڪ (ٿيٽر) ۽ ڊرامھ ڊائريڪٽ ڪيا آهن. سندس مثالي ڪم، جديد موسيقيءَ وسيلي شاهه لطيف جي سُر ’مومل راڻو‘ کي فلمي انداز ۾ پيش ڪرڻ آهي، جنھن کي هندستان ۽ ان کان ٻاهر گهڻو ساراهيو ويو. سنڌو تھذيب جي تعارف تي ٺاهيل سندس فلم (The Awakening) پڻ سوشل ميڊيا تي تمام گهڻي پذيرائي ماڻي آهي. هن جي سنڌي گانن جا ٻه البم ’جاڳ سنڌي جاڳ‘ ۽ ’نچ نچ‘ رليز ٿيل آهن، ان کانسواءِ ٻارڙن لاءِ سنڌي گيتن جو هڪ البم ’گلڙن جا گيت‘ تمام گهڻو مقبول ٿيو آهي.
موسيقي، ٿيٽر، شاعري ۽ فلمن ۾ معياري ڪم پيش ڪرڻ تي کيس ڪيترائي اعزاز ۽ ايوارڊ ملي چُڪا آهن. Its Never too late جي سري هيٺ ڪوشي لالواڻيءَ جي زندگي ۽ فن بابت هڪ دستاويزي فلم به آهي. سندس شادي مشھور واپاري لعل لالواڻي سان ٿيل آهي، هُوءَ هن وقت ممبئي (مھا راشٽرا) ۾ رهائش پذير آهي.