ڪولاب سيال ڍنڍ
ڪولاب سيال ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ دادو تعلقي جي ديھه شاهاڻيءَ ۾، ڳوٺ شاهه عالم جي اوڀر کان اٽڪل ڇھه فرلانگن تي، واهُڙ مان نڪري ٿي ۽ ساڳئي تعلقي ۾ ڳوٺ وندر ويجهو ڍنڍ ڪولاب سيال ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. هن جون ’گهاڙي‘ ۽ ’واڌو‘ نالي ٻه شاخون آهن، جن جي گڏيل ڊيگهه ويھه ميل آهي ۽ 4967 ايڪڙن کي سيراب ڪري ٿي.