ڪولهي (ذات): ڪولھي هندُن ۾ اڇوت ۽ گهٽ ذات وارا پورهيت آهن. جيڪي شايد اصل ۾ راجپوت نسل مان چيا وڃن ٿا. هنن جو اصل وطن گجرات، واگهڙ ۽ ڪڇ هو، جتان جنگين سبب ۽ روزگار خاطرنقل مڪاني ڪري اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا. هي پرمار راجپوت جا فوجي جوان هئا، جيڪي بھادر ليکيا ويندا هئا. سوڍن جي حڪومت ۾ ڌاڙا هڻندا هئا. بھادريءَ جي ڪري ’روپلي ڪولھيءَ‘ جو نالو مشھور ٿيو. ڪتاب ’شاهانِ گجر‘ ص 164 تي لکيل آهي ته ڪولھي، راجا ڪوهل ۽ راجا وڪرماجيت جو اولاد آهن ۽ هي گوجر آهن.
پارومل ڪولھي، ڪولھين بابت لکيل پنھنجي ڪتاب ’لوڪ ساگر جا موتي‘ ۾ ڄاڻايو آهي ته ”ڪول، ڪولي، ڪوهلي ۽ ڪولھي هڪ ئي نک جو نالو آهي، جن کي اڄ ڪلهه ’ڪولي يا ڪولھي‘ چون ٿا. ڪولھي راجپوت نسل مان آهن، جن جو وستار ’پرمار ڪُل‘ مان آ هي، جن ۾ راٺوڙ ڪل، چوهاڻ ڪل، مڪواڻه ڪل، وهيل ڪل، سولنڪي ڪل، واگهيلا ڪل، چاوڙا ڪل ۽ ڏاڀي ڪل وارا شامل ٿي ويا آهن. تروٽ ڪل، خاڪڙا ڪُل، ٺاڪور، راوڙا، سانديسا، لڌر، واگهڙي ۽ سورائي گوئيل ڪل وارا به هنن مان ئي آهن.“ ڪولھي هندو ’ديوتائن‘ جي پوڄا ڪندا آهن.