ڪونج

ڪونج (رسالو): ممبئي هند مان ڇپجندڙ هڪ مشھور سنڌي رسالو آھي، جيڪو ممبئي (انڊيا) مان گذريل 60 سالن کان باقاعدگيءَ سان شايع ٿيندو رھيو آھي. ھري موٽواڻي سنڌي، ممبئي (ڀارت) مان 1960ع کان ڪونج رسالو جاري ڪيو، جنھن جو ايڊيٽر ۽ پبلشر به پاڻ ھو. ھن هِند ۽ سنڌ جيوڏن ليکڪن جا سندن حياتيءَ ۾ ڪيترائي خاص نمبر ڪڍي، سنڌي ادب ۾ نئين روايت جو بنياد وڌو. اهڙن خاص نمبرن ۾ نارائڻ شيام نمبر، ڪيرت ٻاٻاڻي نمبر، گوبند مالھي نمبر، پوپٽي هيراننداڻي نمبر، سندري اتمچنداڻي نمبر، لکمي کلاڻي نمبر، حميد سنڌي نمبر، موهن ڪلپنا نمبر، شوڪت حسين شورو نمبر وغيره اچي وڃن ٿا. رسالي کان سواءِ ڪونج پبليڪيشن پاران تخليقي ۽ تنقيدي ادب جا 100 کان مٿي ڪتاب به شايع ٿي چڪا آهن. ھري موٽواڻي 7 مئي 2006ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. کائنس پوءِ نند ڇڳاڻي ڪونج رسالي کي سنڀاليندو اچي. 2009ع ۾ ڪونج جو گولڊن جوبلي ۽ 2019ع ۾ ڊائمنڊ جوبلي نمبر شايع ٿي چڪا آهن. هيءُ رسالو هن وقت اشاعت سان گڏ آن لائين به نڪري رهيو آهي.


لفظ ڪونجھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو