ڪونجل (لوڪ گيت): هي هڪ ٿري لوڪ گيت آهي، جنھن ۾ وڇوڙي جو درد بيان ڪيل هوندو آهي. هن لوڪ گيت بابت ٻه روايتون ملن ٿيون. جن مان هڪڙو گيت ٿري ٻوليءَ ۾ آهي ۽ ٻيو سنڌي لوڪ گيت آهي. هنن ٻنهي گيتن ۾ هڪجھڙائي آهي. هن گيت بابت ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو: ”هي گيت سڄي ٿر، خصوصن ننگرپارڪر ۽ ان جي آس پاس واري ڀاڱي ۾ ڳايو وڃي ٿو. هن گيت ۾ وطن جي سڪ ۽ مائٽن جي اُڪير بنيادي نڪتا آهن.“ ڀانئجي ٿو ته هي گيت اصل ٿري محاوري ۾ چيل آهي، پوءِ آهستي آهستي سنڌي لفظ ۽ مصراعون شامل ٿيون آهن. ڪونج کي هن لوڪ گيت ۾ مائٽن کان پري پرڻايل هڪ عورت جي جذبن جي عڪاسي ٿيل هوندي آهي. جھڙي ريت ڪونج ولر سان هلندي آهي، جي ولر کان وڇڙي وڃي ته ڪُرڪا ڪندي آهي، تيئن مائٽن کان پري پرڻيل عورت پنھنجين هڪ جيڏين کي ساريندي آهي يا وري ان عورت کي ڀيڻ ۽ ماءُ ساريندي آهي ۽ پڻ ڀاءُ به ياد ڪندو آهي. جذبا هن گيت ۾ اظھاريل هوندا آهن، جيئن گيت جون هي سٽون آهن:
اڄ مان پتيان ڏينھڙا، ڪونجل ماءُ!
مامو ڀاڻيجو شل پنڌ ۾!
ڪارا تان ڏونگر ڪڇ جا، ڪونجل ماءُ!
ڌورا تان ڍيٻا ڍٽ جا،ڪونجل ماءُ!
اڄ مان پتيان ڏينھڙا، ڪونجل ماءُ .
جيئن ته هڪ ٻي گيت جا ٻول آهن:
ڪرونجهل اُڙي جاءِ ري
ڪرونجهون ري قطار ۾ ويرا ڀيڻل اڙي جاءِ ري!
روپيئڙي مت ريل ري ويرا،
روپيئڙي ري وار ۾ بوندو
ڪرونجهل ري قطار ۾ ويرا، ڀيڻل اُڙي جاءِ ري
ڪونجل اڏي وڃي پئي،
ڪونجل اُڏي پئي وڃي،
ڪونجن جي قطار ۾ ڀائڙا
پئسن کي نه ڏس ڀاءُ، پئسن کي باهه ڏي
ڪونجن جي قطار ۾، ڪونج اُڏي پئي وڃي
(ڀيڻ کي وٺي اچ ڀايڙا)