ڪونج (پکي)

ڪونج (پکي)

ڪونج (پکي)

ڪونج(پکي): مشھور لاڏائو پکي آهي، جيڪو سياري جي شروعات ۾ سائبيريا کان وڳرن جي شڪل ۾ سفر ڪري، سنڌ جي ڍنڍن ۽ پاڻي وارن مختلف هنڌن تي اچي رهي ٿو ۽ هتي ئي ٻچا ڪري ٿو، سياري جي مُند ختم ٿيڻ تي ٻچا وٺي واپس اڏامي وڃي ٿو. هي پکي وڳرن جي شڪل ۾ رهي ۽ اڏامي ٿو. ڪنھن ڏکئي وقت ۾ به پنھنجي وڳر کي نه ڇڏيندو آهي. اتفاق سان جيڪڏهن ڪا ڪونج وڇڙي ويندي آهي ته پنھنجي وڳر لاءِ تيستائين پئي ڪُرلائيندي/رڙندي آهي، جيستائين وڳر سان وڃي نه ملي. سارس پکيءَ جي جنس واري هن پکيءَ جو تعلق Gruidae خاندان سان آهي. انگريزي زبان ۾ هن پکيءَ کي Demoiselle crane ۽ سنسڪرت ۾ ’ڪرونچ‘ چيو ويندو آهي، جڏهن ته سائنسي زبان ۾ Grus virgo نالي سان سڏجي ٿو. هيءَ پکي جسامت ۾ سارس کان ننڍو ۽ لڳ ڀڳ 50 کان 53 (سينٽي ميٽر) جو ٿئي ٿو. پرن جي مجموعي پکيڙ 165 کان 185 (سينٽي ميٽر) ۽ ڊيگهه 45 کان 53 (سينٽي ميٽر)، چھنب 65-70 (ملي ميٽر) ۽ قد لڳ ڀڳ 90 کان 100 (سينٽي ميٽر) ٿئي ٿو. هن پکيءَ جو رنگ سرمائي ٿئي ٿو. ڳچي اڇي رنگ جي، چھنب سنھي ٻنهي پاسن کان لاهي دار کنڀ، ڄنگهون سنھيون، ڊگهيون ۽ پير سُرمائي ڪاري رنگ جا ٿين ٿا. هن پکيءَ جو شڪار گهڻو ڪيو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو