ڪونج (پکي)
ڪونج (پکي): هڪ قسم جو مشھور آبي پکي، جيڪو سياري جي شروعات ۾ سائبيريا کان سفر ڪري سنڌ جي ڍنڍن تي اچي، ٻچا ڪري ۽ وري سياري جي مُند ختم ٿيڻ تي ٻچا وٺي اڏامي وڃي ٿو. سارس پکيءَ جي جنس واري هن پکيءَ جو تعلق Gruidae خاندان سان آهي. انگريزي زبان ۾ هن پکيءَ کي Demoiselle crane ۽ سنسڪرت ۾ ’ڪرونچ‘ چيو ويندو آهي، جڏهن ته سائنسي زبان ۾ Grus virgo نالي سان سڏجي ٿو. هيءَ پکي جسامت ۾ سارس کان ننڍو ۽ لڳ ڀڳ 50 کان 53 (سينٽي ميٽر) جو ٿئي ٿو. پرن جي مجموعي پکيڙ 165 کان 185 (سينٽي ميٽر)، پرن جي ڊيگهه 45 کان 53 (سينٽي ميٽر)، چھنب 65-70 (ملي ميٽر) ۽ قد لڳ ڀڳ 90 کان 100 (سينٽي ميٽر) ٿئي ٿو. ڪونجن جي ٻين جنسن مان هي قد بت ۾ ننڍو پر قرمچي رنگ جي اکين ۽ ڪنن تي کنڀن جي ڇڳن سان نھايت ئي سھڻو پکي آهي. مجموعي طور هن پکيءَ جو رنگ سرمائي ٿئي ٿو. ڳچي اڇي رنگ جي، چھنب سنھي سڱ نما سائي رنگ جي ننڍي، ٻنهي پاسن کان لاهي دار کنڀ، ڄنگهون سنھيون، ڊگهيون ۽ پير سُرمائي ڪاري رنگ جا ٿين ٿا. جڏهن ته ڪڪڙ وانگر مچي دار وَريل پڇ ٿئي ٿو. هيءُ هڪ لاڏائو پکي آهي، جيڪو سال ۾ مختلف وقتن تي هڪ خطي کان ٻئي خطي تائين لڏپلاڻ ڪري ٿو، خاص ڪري سياري جي ابتدا دوران وچ روس، ڪاري سمنڊ ۽ منگوليا جي ٻاهرين علائقن کان ننڍي کنڊ خاص ڪري هندستان ۽ پاڪستان طرف لڏپلاڻ ڪندو آهي. هندستان ۾ گهڻي ڀاڱي گجرات رياست جي علائقن ۾ نظر ايندو آهي. جڏهن ته پاڪستان ۾ سنڌو درياهه ذريعي سنڌ جي ڍنڍن ۽ شاخن تي اچي آباد ٿئي ٿو.
سنڌ، پاڪستان ۽ اتر هندستان ۾ هن پکيءَ کي ثقافت جو علامتي اهڃاڻ سمجهيو ويندو آهي. ٻين ٻولين سان گڏ سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ ڪونج پکيءَ جو ذڪر تمام گهڻو ملي ٿو. سنڌي، پنجابي ۽ سرائڪي شاعريءَ ۾ سھڻي عورت ۽ وطن کان وڇڙيل ماڻهوءَ جي علامت طور گهڻو ڳاتو ويو آهي. سنڌي سماج ۾ ڪونج (پکي) کي قاصد جي حيثيت پڻ ڏنل آهي. ان ڏس ۾ گيتن توڙي لوڪ گيتن ۾ هن پکيءَ جو ذڪر ڪيل آهي.