
ڪونج بلوچ
ڪونج بلوچ: شاعره ڪونج بلوچ 1982ع ۾ ڳوٺ موڙاٺ، تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشھري فيروز ۾ دوست علي بلوچ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس تعليم بي. اي آهي. هن شاعريءَ جي شروعات 2015ع ڌاري ڪئي. سندس شعري مجموعو ’ڪونج قطارون ڏات جون‘ (گڏيل شاعري: 2015ع) ڇپجي چڪو آهي.