ڪونڀٽ

ڪونڀٽ: هي وڻ ڊيگهه ۾ ڪَنڊيءَ کان ننڍو ٿيندو آهي. اڪثر ڪوهستان ۽ ٿر جي مٿانھن هنڌ تي ٿيندو آهي. پنھنجي بناوت ۾ پري کان ڇٽيءَ وانگر پيو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. هن جا پَن ڪَنڊيءَ جي پَنن وانگر ننڍا ٿين. ٽارين ۾ تِکا وريل ڪنڊا جام ٿيندا آهن. وسڪاري ۾ ٻُور سان ڀرجي ويندو آهي. ٻُور اڇيرو ۽ هلڪو هيڊسرو ٿئي ٿو، ان ۾ ڦَريون ٿين، جن کي چَپڙا چون، جن ۾ ٻج هوندو آهي، جنھن کي چيچڪا به چون. ڦريون مال جي کائڻ جي ڪم اچن. ڪونڀٽ جا پن، ٻور ۽ چپڙا اُٺ جو خاص کاڌو آهي. ڏڪار وقت ماڻهو چپڙا (ڦريون) لاهي ڍڳين ۽ ٻڪرين کي کارائيندا آهن. ڪونڀٽ ۾ کؤنر به ٿيندو آهي، جيڪو حڪمت ۾ ڪم ايندو آهي. ڪونڀٽ جي ڪاٺ مان مختلف شيون ٺاهيون وينديون آهن ۽ ٻارڻ جي به ڪم اچن.


لفظ ڪونڀٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو