ڪونڪر

ڪونڪر (نئن): هيءَ نئن تعلقي ڪراچي، ضلعي ملير ۾ آهي، ٿڌو ۽ ڪونڪر نئيون هن ديھه مان گذري دُنبا ڳوٺ کان اڳ پاڻ ۾ ملن ٿيون. ڪونڪر نئن جي ڪري هن ديھه تي به ’ڪونڪر‘ نالو پئجي ويو.
ڪون + ڪور معنيٰ پراڻو وهڪرو يا نئن. اهو تبديل ٿي ڪونڪر ٿيو آهي. هتي جي هڪ لوڪ شاعر ملا شير علي گبول جي شاعريءَ ۾ هن نئين لاءِ ’ڪون ڪور‘ استعمال ٿيل آهي. ڪونڪر نالي بابت هيءَ به روايت آهي ته ڪونڪر ماڻهو جو نالو آهي، جيڪو ذات جو جوکيو هو ۽ سروي وقت انگريزن جي مدد ڪئي هئائين ۽ ان نسبت سان هن ديھه جو نالو سندس پويان ’ڪونڪر‘ رکيو ويو. پر مختلف حوالن ۽ آثارن مان ’ڪونڪر‘ گهڻو آڳاٽو آهي. ڪونڪر ۾ آدم گبول ڳوٺ لڳ ٿڌي نئن جي ڪپ تي هڪ قديم ماڳ جا آثار به آهن. مينھن کان سواءِ هن نئن ۾ کوهه کوٽي پاڻي حاصل ڪيو ويندو آهي، جيڪو نه رڳو پيئڻ لاءِ آهي پر ان تي ڪجهه زمينون به آباد ٿين ٿيون.


لفظ ڪونڪرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو