ڪوهتراش بٺي

ڪوهتراش بُٺي (ماڳ): هي ماڳ تعلقي ٿاڻي بولا خان جي بارڻ ماٿريءَ ۾ تونگ ۽ ٿاڻي عارب جي وچ واري رستي تي ڪرچات کان ڏکڻ اولهه طرف، بارڻ نئن جي ڪناري جي ويجهو آهي. هيءَ بُٺي اٽڪل 95 فوٽ اوچي آهي. هتي پٿرن جي سليبن سان ٺھيل آڳاٽين اڏاوتن جا آثار ملن ٿا. هي ماڳ 1930ع ۾ اين. جي مجمدار ڳولهي هٿ ڪيو هو. بعد ۾ 1942ع ڌاري ايڇ. ٽي لئمبرڪ پڻ هن ماڳ جو دورو ڪيو هو ۽ سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جي تحقيقي مقالي ۾ لکيائين: ”ڪوهتراش بٺي، هن خطي ۾ رهندڙن لاءِ مثالي رهائشگاهه هئي، ڇاڪاڻ ته هتي دشمن جي حملي کان قدرتي طور بچاءَ جو رستو موجود هو.“ کيس هتي ڪئٿولڪ دؤر جو ٺڪراٺو پڻ هٿ آيو. سندس چوڻ موجب ڪوهتراش، آڳاٽي تاريخي دؤر جي ماڻهن جي جوڙيل منظم ڪالونيءَ جو درجو رکندي هئي. هتي روزمرهه جي زرعي استعمال لاءِ تاريخي دؤر وارا پاڻيءَ جا تلاءُ به ڏسي سگهجن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو