ڪوهستان (پرڳڻو): سنڌ جي طبعي ڀاڱي ۾ هيءُ هڪ اهم ۽ قديم جابلو علائقو آهي، جيڪو سنڌ جي اتر کان ڏکڻ تائين پکڙيل آهي. هن علائقي جي ماڻهن جو لباس، ثقافت، لھجو ۽ رهڻي ڪھڻي پڻ مختلف آهي، جنھن تي بلوچستان جا اثر پڻ ملن ٿا. ڪوهستان کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، هڪ اتر ڪوهستان شھدادڪوٽ، قنبر، دادو سميت خيرپور ناٿن شاهه، جوهي ۽ سيوهڻ تعلقن تي مشتمل آهي، جيڪو جبلن سان لاڳو سنڌ جو الھندو ڀاڱو آهي ۽ ٻيو ڏکڻ ڪوهستان، جيڪو لڪيءَ کان ڪراچيءَ تائين هليو وڃي ٿو، جنھن ۾ رني ڪوٽ، سن، مانجهند، انڙپور، ٿاڻو بولاخان، ٿاڻو عارب خان، جهمپير، جنگشاهي، ٺٽي ۽ ڪراچيءَ جي ملير وارا علائقا اچي وڃن ٿا. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته، ”جنگ شاهي، جهم پير، ڪوٽڙي، سن، آمري ۽ لڪيءَ وارا ماڳ، ڇپر ڪوهستان جي اڀرندي ڪناري سان آهن. سنڌ ۾ کيرٿر جبل جو سلسلو 400 ڪلوميٽرن تائين هلي ٿو.“ جيڪو سنڌ جي اولھه ۾ ڄڻ ته بلوچستان ۽ سنڌ جي وچ ۾ سرحد ٺاهيو بيٺو آهي. سنڌ جو ڪوهستان اٽڪل 7000 چورس ميلن تي پکڙيل آهي.
ڪوهستان جا شھر:
اتر ڪوهستان: غيبي ديرو، گاجي کھاوڙ، ڳاڙهي، قنبر، شھدادڪوٽ وغيره.
ڏکڻ ڪوهستان: لڪي، آمري، سن، رني ڪوٽ، سن، جهمپير، جنگشاهي، ميٽنگ، ڪلو کوهر، سري، مول، ٿاڻو احمد خان، ٿاڻو بولا خان، ٿاڻو عارب خان، ڪرچات، تونگ، ڪراچيءَ ملير.
ڪوهستان جي جابلو سلسلي ۾ ڪيتريون ئي نئيون وهي اتان جي ماٿرين کي آباد ڪن ٿيون. اهڙين نئين ۾ گاج نئن وڏي اهميت رکي ٿي. جڏهن کيرٿر تي مينھن وسندو آهي، ته اهي نئيون ڪوهستان جي وادين کي سيراب ڪندي سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪنديون آهن. ڪوهستان جي جبلن جا ڪي سلسلا هي آهن:
لڪي: هي ٽڪر ڀڳي ٽوڙهي کان لاڳيتو 110 ڪلوميٽر هليو وڃي ٿو، جتي نئن بارڻ کيس ڪٽي ٿي. هن هنڌ بارڻ جي ٻي ڪنڌيءَ جو نالو سورجاڻو، جنھن جو رخ اوڀر کان اولھه طرف آهي. لڪيءَ جي چوٽي 2300 فوٽ آهي، پر ڏکڻ ۾ ان سلسلي جون 2000 فوٽن واريون ڪافي چوٽيون ملن ٿيون. لڪيءَ جون ٽڪريون اتر وٽان ٻن ڇانگن ۾ ورهايل آهن. اولھه واري شاخ ۾ آدم ڏار، گوربندي ۽ ڏاڦرو ٽڪريون آهن. ٻنھي شاخن جي وچ وارو ميدان موهن پَٽ سڏجي ٿو. هن حصي ۾ ڪالُو (Oyster) ۽ ٻين سپين جا پنڊ پھڻ وڏي تعداد ۾ آهن، جن جو تعلق ڪِرٽئشس زماني سان آهي.
ڏاڦرو: هي ٽڪر رني ڪوٽ کان اولھه ڏکڻ ۾ اٽڪل 10-12 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي، جنھن جي اوچائي 2000 فوٽ آهي. هي ٽڪر لَڪي سلسلي سان جڙيل آهي.
هوٿياڻو، اِري ۽ سنبڪ: اهي لڪي سلسلي ۾ لاڳيتو رني ڪوٽ کان ڏکڻ ۾ ڏاڦري جي سامھون ٻن حصن جا نالا آهن، جن جي اوچائي تقريباً 2000 فوٽ آهي. اِريءَ سان سنبڪ لاڳيتو سلسلو آهي، پر مختلف جاين تي نالا بدلجن ٿا.
ڪانڀو: هي لڪي جبل جي هوٿياڻو ڀاڱي جي سامھون تعلقي ٿاڻي بولا خان ۾ 32 ڪلوميٽر ڊگهو ۽ 2300 فوٽ اوچو چُن وارو جبل آهي. ساڳي بناوت واري ننڍي هيٺاهين ۽ اڪيلي زنجير ڪانڀو کان ڏکڻ اولھه ۾ ڪاري جبل کي پھچي ٿي. هي ڪارو جبل ڪراچي ۽ حيدرآباد جي وچ تي آهي.
چُوهڙ لڪ: هي لڪ ڪراچي- حيدرآباد سپر هاءِ وي تي نئن بارڻ ويجهو آهي. سپر هاءِ وي کان اتر طرف ٿاڻي بولاخان ڏانھن ويندي رستي ۾ اچي ٿو. ان جي اوچائي 1000 فوٽ کن ٿيندي.
گنجو ٽڪر: هي ٽڪر حيدرآباد شھر واري ٽڪري ۽ ڏکڻ ۾ هِل پارڪ/ ڪالي مندر کان شروع ٿي ڏکڻ ۾ 30-35 ڪلوميٽرن تائين هليو ويو آهي. بيھڪ ۾ ڪي قدر سکر روهڙيءَ وارين ٽڪرين سان ميل کائي ٿو. ڇت تراکڙي ۽ سڀئي پاسا اُڀا ۽ لاهي وارا اٿس. ان ۾ اڇو چُن وارو پٿر ۽ ان جي هيٺان ميٽ آهي.
مڪلي: هي ٽڪري ڊيگهه ۾ 16 ڪلوميٽر، ويڪر ۾ هڪ کان ڏيڍ ڪلوميٽر ۽ اوچائي وڌ کان وڌ 150 فوٽ آهي. جيڪا چُنَ جي وارياسي ٽڪري آهي. هن جي هڪ ڇيڙي تي مڪليءَ جو شاهي قبرستان ۽ ٻئي ڇيڙي تي پير پٺو ماڳ آهي. ٽڪريءَ جي هڪ ڇاڙهه اولھه پاسي اڀريل آهي، جنھن کي مقامي ماڻهو ’مريم‘ ٽڪري ته ڪي وري ’شاهه حسن‘ چون ٿا.
اڀن شاهه جون ٽڪريون: پير پٺي کان 17- 18 ڪلوميٽر ڏکڻ- اوڀر ۾ ننڍين ٽڪرين جو ميڙ آهي، جيڪو ميڙ اڍائي ڪلوميٽر ڊگهو ۽ هڪ ڪلوميٽر ويڪرو آهي. سڀ کان وڏي ٽڪريءَ جي چوٽي 75 فوٽ اوچي آهي.
دُنبار ۽ مَيھِي: تعلقي ٿاڻي بولاخان جي اولھه ۾ تونگ طرف ٽاڪرو سلسلا آهن. دنبار جنھن جاءِ تي کير ٿر سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحد ڇڏي ڪرچات جو رخ ڪري ٿو، اتان کان ميهي جبل سنڌ بلوچستان جي سرحد برقرار ڪري ٿو. ٻنھي جبلن جي ميلاپ وٽ هڪ لَڪ ٺھي ٿو، جنھن جو نالو ’گهِٽي لَڪ‘ آهي. ميهي جبل 144 ڪلوميٽر ڊگهو ۽ 3300 فوٽن جي اوچائيءَ وارو جبل آهي.
مھير: ڪراچيءَ کان اتر ۾ 1500 فوٽن جي اوچائيءَ وارو هي ٽَڪر اتر کان ڏکڻ ۾ پکڙيل آهي. ٽَڪر جي اندر هڪ ڍورو اتر کان ڏکڻ طرف لھي ٿو، جيڪو ٻاٻرو آثارن وٽ ڪُنڀ ٺاهي اوڀر رخ ۾ ٻاهر نڪري، وري اتر پاسي مھير ٽَڪر کان ٿيندو، اولھه پاسي حب نديءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو.
ڪوهستان جا مشھور لَڪ: جبلن وٽان لنگهندڙ ڪيترائي رستا، جن جُڳن کان صحرائن کي لتاڙيو ۽ ترقيءَ جون منزلون طئه ڪيون آهن. ائين کيرٿر مان ڪيترائي رستا نڪتا آهن، جن کي لڪ چئجي ٿو. لئمبرڪ اهڙن ڏهن لڪن جو ذڪر ڪيو آهي. اهي لَڪَ هن طرح آهن: هر باب لَڪَ، لوڙ لَڪـُ، ڦُسي لَڪـُ، شڪائي لَڪـُ، ڀٽ راڙ لَڪـُ، ڄمورو لَڪـُ، گرو لَڪـُ، ماچڪو لَڪـُ، گر مول لَڪـُ، دُرنگُ لَڪُ ۽ دروت لَڪَ وغيره.
لَڪـُ مولا: تاريخي حيثيت سبب هن لڪ جو اين. جي مجمدار، پٿاوالا ۽ لئمبرڪ پڻ ذڪر ڪيو آهي. مجمدار لکي ٿو ته ’بروهي ۽ بلوچ هن لڪ مان لنگهي، چانڊڪا پرڳڻي مان ٿيندا منڇر تائين ايندا آهن. ميس هن رستي ذريعي قلات کان ڪراچي ويو هو.“
لڪ شڪلوئي: ڏکڻ ۾ نئن گاج جي مٿان شڪلوئي چوٽي واقع آهي. هي لڪ ان جي ڀرسان آهي. شڪلوئي لڪ ڄمورو ماٿريءَ ڏانھن لھندو آهي، جيڪو به ڄمورو ۽ ڀٽ راڙ لڪن وانگر ڏکيو لڪ آهي.
لڪ روهيل: هن کي ’لوڙهه‘ به چون. هيءُ جيتوڻيڪ تمام سوڙهو ۽ اڻانگو آهي، پر ان هوندي به ٻين لڪن جي ڀيٽ ۾ گهڻو پراڻو ۽ آباد رهيو آهي. هيءُ لڪ ان هنڌ واقع آهي، جتي نئن گاج کيرٿر جبل کي ڪپي ڪوري پنھنجو رستو گهڙيو آهي ۽ وڏي گوڙ گهمسان سان سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿي. اُتي نئن هڪ وڏو ويڪرو ۽ اونهو ڪـُنڀ به ٺاهيو آهي، جنھن کي تک جو ڪـُنڀ سڏين. نئن گاج جي بنگلن کان اٽڪل ارڙهن ميل اولھه ۾ هي لڪ واقع آهي. هن رستي واپاري ۽ تھذيبي قافلا، سنڌ مان هلي بلوچستان جي شھرن وڍ (Wad) ۽ نال (Nal تائين ايندا ويندا هئا. هن رستي سان جيڪي به پراڻا ماڳ مليا آهن، انھن مان جيڪو ٺڪراٺو حاصل ٿيو آهي، سو آمري نالي تھذيبي ورثو سڏيو وڃي ٿو. برساتن ۾ هن لڪ کان اچ وڃ گهڻو ڪري بند ٿي ويندي آهي، نئن جو وهڪرو تمام تيز ۽ گهڻو خطرناڪ هوندو آهي.
لڪ هرباب: دادو ضلعي جي خيرپور ناٿن شاهه تعلقي ۾ کيرٿر جبل جي ٻنھي اوچين چوٽين، ڪُتي جي قبر ۽ بندي جي قبر جي وچ ۾ واقع آهي. هن لڪ کي ’شاهه گودڙئي جو لڪ‘ به سڏيو ويندو آهي. سروي ڊپارٽمينٽ وارن هن کي ’هرباب کنڊ‘ ڪري لکيو آهي. صدين کان وٺي، هن لڪ رستي سنڌ جا قافلا، بلوچستان جي شھر زيدي ڏانھن ايندا ويندا هئا. هاڻي به اتان اچ وڃ جاري آهي.
لڪ گرو: کيرٿر جبل جي هڪ ننڍڙي ۽ هيٺاهين چوٽيءَ جو نالو سليماني آهي، جيڪا چوٽي اٽڪل ٽي هزار فوٽ اوچي آهي. هن چوٽيءَ جي ٿورو هيٺان ڏکڻ ۾ گرولڪ آهي ۽ ان لڪ جو رستو آڳاٽي نئن مان آهي. هن لڪ مان گورک چوٽيءَ تائين پھچڻ جو رستو گهڙيو پيو وڃي، جيڪو ڪافي ٺھي به ويو آهي. هيءُ لڪ ٻين لڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو سولو آهي، جنھنڪري گهڻي آمد رفت هن لڪ ذريعي ٿئي ٿي. هن لڪ مان لنگهي بلوچستان جي مشھور شھر سرونا ڏانھن وڃبو آهي. سرونا هڪ مرڪزي شھر آهي، جتان قافلا ڪنرراچ کان لنگهي لسٻيلي ڏانھن به وڃن ٿا ۽ ڏکڻ ۾ قافلا ديوان ۽ هنيدان ڏانھن وڃن ٿا.
لڪ ڦـُسي ۽ گرو: هي کيرٿر جي وچ ۾ هڪ سوڙهو ۽ غير معروف لڪ آهي.
لڪ ماچڪو: هيءُ لڪ نئن گاج جي آخري ڀرتي ڪندڙ مکيه ’نئن تڪيءَ‘ ۾ آهي. هي آسان لڪ آهي، جتان گذري گزمول کان گورک چوٽيءَ تي پھچي سگهجي ٿو.
لڪ گزمول: نئن تقيءَ جي مکيه ڀرتي ڪندڙ ’نئن مماڻي‘ آهي. گزمول لڪ نئن مماڻيءَ جي چوٽيءَ تي آهي. ماچڪو ۽ گزمول لڪن کي تر جا ماڻهو ساڳئي نالي سان سڏيندا آهن. انھن لڪن مان ڪن ڦاڙ جوڳي، سنک وڄائيندا، گورک ڏانھن ويندا هئا. اها واٽ انھن لڪن مان دادو کان گورک تائين 72 ڪلوميٽر چئي وڃي ٿي. لوڙهه، شڪلوئي، ڄمورو، ماچڪو، گزمال ۽ ڦسي، اهي پنج ئي لڪ هڪ ٻئي جي ويجهو آهن ۽ 15 ميلن اندر اچي وڃن ٿا. انھن لڪن مان نئن نري ۽ انگڻي سان جيڪا واٽ بلوچستان ڏانھن وڃي ٿي ان واٽ کي ’پٺاڻي واٽ‘ سڏيو وڃي ٿو.
تھذيب ۽ ثقافت: سنڌ جي ڪوهستان ۾ قديم دور کان انساني سرگرميون قائم رهيون آهن. قدرتي ڳالهه آهي ته ان زماني ۾ ماڻهو رولاڪ شڪارين واري سماج جي صورت ۾ کيرٿر ۽ ان سان لاڳاپيل ٽڪرين تي رهندا هئا ۽ برفاني دور کان پوءِ چشمن وٽ ڌنارڪو ۽ ابتدائي زرعي سماج ٻَڌائون. سنڌ بلوچستان جي ڪوهستان واري علائقي ۾ هن مھل تائين لڌل قديم ترين آبادي مھرڳڙهه (بولان، سبي) آهي، جيڪو ماڳ لڳ ڀڳ 6000 ق. م پراڻو آهي. سنڌ ۾ آمري تھذيب 3500- 4000 ق. م پراڻي آهي، پر گاجي شاهه وٽ واقع ماڙي کڙ (پياري جي ماڙي) ماڳ لاءِ ڊاڪٽر لوئس فليم جو خيال آهي ته اهو 4000 سال اڳ جو ماڳ ٿي سگهي ٿو. اهي جابلو ثقافتون آهن، ميداني سنڌو تھذيب پوءِ جي آهي. اهڙي طرح ڪوهستان مان تھذيب تاريخ کان آڳاٽا ڪيترائي قديمي ماڳ لڌا ويا آهن، جن جي فھرست هيٺ ڏجي ٿي:
نمبر ماڳ ماٿري علائقو
1 احمد شاهه ڏکڻ بارڻ ڏکڻ ڪوهستان
2 علي مراد (ڪلوئي) انگي کيرٿر ڪاڇو
3 الهه ڏنو، نل بازار ملير ڏکڻ ڪوهستان
4 اميلاڻو ملير ڏکڻ ڪوهستان
5 آمري سنڌو سنڌو ڪنارو
6 عارب جو ٿاڻو ڏکڻ بارڻ ڏکڻ ڪوهستان
7 بچاڻي ڏکڻ بارڻ ڏکڻ ڪوهستان
8 آڍاٽ، باڊهه سنڌو سنڌو ميدان
9 ٻنڌڻي ٻنڌڻي منڇر جو ڏکڻ
10 ٻنڌڻي، چقمقي پٿر سائيٽ ٻنڌڻي منڇر جو ڏکڻ
11 ٻنڌڻي ٻنڌڻي منڇر جو ڏکڻ
12 بيبيءَ جي ڀِٽ بارڻ ڏکڻ ڪوهستان
13 چورلو ٻنڌڻي منڇر جو ڏکڻ
14 ڇُٽي جي ڪُنڊ گاج گاج
15 دمب بٺي ٻنڌڻي منڇر جو ڏکڻ
16 ديھه ماڙي سنڌو سنڌو ميدان
17 ڏيسوئي ڏکڻ بارڻ ڏکڻ ڪوهستان
18 ڏلهه بُٺي مليرڙي لڪي- بڊو
19 ڏِجي جي ٽڪري سنڌو ماٿر اتر ڪوهستان
20 گاجي شاهه نئنگ ڏکڻ ڪوهستان
21 گورانڊي نئنگ ڀِت، کيرٿر
22 گورانڊي-1 نئنگ ڀِت، کيرٿر
23 حسن علي-2 ملير ڏکڻ ڪوهستان
24 هوٿياڻو، چقمقي پٿر ماڳ ڏکڻ بارڻ ڏکڻ ڪوهستان
25 جاڙي جي قلات گاج گاج
26 جهانگر منڇر ڏکڻ منڇر
27 جهڪر سنڌو سنڌو ميدان
28 جهڏير جو دڙو ڪڇي ميدان اتر کيرڙو، ڪاڇو
29 ڪرچات بٺي سُڪ ڏکڻ ڪوهستان
30 ڪائي بُٺي ڪائي منڇر، بڊو
31 ڪرچات سُڪ ڏکڻ ڪوهستان
32 کجور ڏکڻ بارڻ ڏکڻ ڪوهستان
33 ڪوهتراش بارڻ ڏکڻ ڪوهستان
34 لاکيو سنڌو سنڌو ميدان
35 لالڻ ڇُٽو منڇر منڇر
36 لالڻ جي ماڙي کينجي اتر کيرٿر
37 ليمي جو دڙو ڪڇي ميدان اتر کيرٿر
38 لوهري سنڌو سنڌو ميدان
39 لُهم جو دڙو سنڌو سنڌو ميدان
40 لُنڊي بُٺي سنڌو سنڌو ميدان
41 لُنڊي بُٺي نئنگ ڀِت- بڊو
42 مليرڙي لانڍي مليرڙي ڪوهستان لانڍي
43 منڌي واهي بٺي؟ نئنگ ڀت، بڊو
44 موهن جو دڙو سنڌو سنڌو ميدان
45 لکمير جي ماڙي، نئنگ نئنگ نئنگ
46 نارو وارو دڙو سنڌو سنڌو ميدان
47 نزگاڻي جي ڪنڊ گاج کيرٿر- گاج
48 نئنگ، گر جبل نئنگ نئنگ
49 نڪو بُٺي ڪائي منڇر- بڊو
50 اورنگي لياري ڪراچي ڪراچي
51 عثمان جي بُٺي ڏکڻ بارڻ ڏکڻ ڪوهستان
52 پئي جو ڪوٽيرو گاج کيرٿر- گاج
53 واهي پانڌي نَري کيرٿر
54 ڦنگ بارڻ ڏکڻ ڪوهستان
55 منگهو پير ڪراچي
56 پوکڻ سُڪ ڏکڻ ڪوهستان
57 پوکڻ لانڍي سُڪ ڏکڻ ڪوهستان
58 راڄو ديرو گاج ڪوهستان
59 روهيل جي ڪُنڊ گاج کيرٿر- گاج
60 سناسي بٺي نئنگ ڪاڇو
61 شاهه جو ڪوٽيرو ڏکڻ بارڻ ڏکڻ ڪوهستان
62 ٽنڊو رحيم انگئي ڪاڇو
63 تونگ بُٺي بارڻ ڏکڻ ڪوهستان
64 ٿرڙو، گُجو سنڌو سنڌو ميدان
65 ٺيڙهه سنڌو سنڌو ميدان
66 ٺيڙهي بھادر شاهه ڪڇي ميدان اتر کيرٿر، ڪاڇو
آڳاٽي ۽ اڄوڪي ڪوهستان ۾ وڏو فرق آيو آهي. ڪوهستان ۾ شاهه لطيف جا ڪيترا ئي حافظ ملندا. هتان جا ماڻهو پنھنجي روايتن جا امين ۽ مھمان نواز آهن، جيتوڻيڪ ڪوهستان جا اڄ به ڪيترا ئي اهڙا علائقا آهن، جيڪي بنيادي سھوليتن کان محروم آهن، پوءِ به هتان جي ماڻهن جي شعوري اوسر ڏينھون ڏينھن وڌي رهي آهي.
ڪوهستان سنڌ جو شاهڪار خطو آهي، جنھن جي هاڪ سڄي دنيا ۾ موجود آهي. هتان جي ماڻهن جي رهڻي ڪھڻي سادي آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ڪوهستاني لھجو ڳالهائيندا آهن. شاهه لطيف ڪوهستان جي جبلن ۾ ڪيترو ئي ووڙيو، ان ڪري سندس ڪلام ۾ ڪوهستاني لھجي جو اثر نمايان آهي. شاهه جي سورمي سسئي به ڪوهستان جي هئي، جيتوڻيڪ اها حد هاڻي بلوچستان ۾ آهي پر آهي ڪوهستان جو حصو.