ڪوٽيرو ڪنڊي ترائي: ديھه ڪنڊي ترائي، تعلقي ٿاڻي بولا خان، ضلعي ڄام شوري ۾ هڪ هيٺانھين بُٺيءَ تي وڏن گهڙيل پٿرن جي اوساري آهي، جيڪا چئن مستطيل ڪمرن تي مشتمل آهي، جنھن کي ڪوٽيرو ڪنڊي ترائي چيو وڃي ٿو. چئني ڪمرن جا دروازا اتر رخ ۾ آهن. جن ۾ اڻ گهڙيل پٿر استعمال ٿيل آهن. هتي ڪو به ٺڪراٺو موجود ڪونه آهي.