ڪوٽيرڙو

ڪوٽيرڙو (تاريخي ماڳ): گهگهر ڏانھن ويندي لنڪ روڊ تي سڪڻ نئن کان پوءِ ٻنهي پاسن کان ديھه ڪوٽيرڙي جون حدون شروع ٿين ٿيون، جيڪي وڃي سمندري بابا جي درگاهه سان لڳن ٿيون. هي جابلو ۽ ميداني علائقو آهي، جبل جا ماڻهو پنھنجي قديم جاين، ماڳن ۽ اهڃاڻن کي، جيڪي ڪنھن سڃاڻپ ۾ نه اچن، تن کي ڪوٽيرڙو يا ’ڪوٽيڙو‘ سڏيندا آهن. ڪوٽ وانگر قديم آثار پکڙيل هئڻ سبب هي ماڳ ڪوٽيرڙو سڏبو آهي ۽ ديھه جو نالو به ڪوٽيرڙو آهي. هن ڪوٽيرڙي جا آثار لنڪ روڊ تي گهگهر ڏانھن ويندي کاٻي هٿ تي سڪڻ نئن کانپوءِ پراڻي گهاري ۽ گڏاپ واري گس جي ڪناري تي آهن. ڪوٽيرڙو ديھه تپي درساڻي ڇني ضلعي ملير ۾ آهي.


لفظ ڪوٽيرڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو