ڪوٽڏيجيءَ جو قلعو

ڪوٽڏيجيءَ جو قلعو

ڪوٽڏيجيءَ جو قلعو

ڪوٽڏيجيءَ جو قلعو: هيءُ قلعو خيرپور ميرس کان ويھه ڪلو ميٽر ڏکڻ قومي شاهراھہ جي اتر_اوڀر طرف هڪ ٽڪريءَ تي واقع آهي. هن قلعي جي زمين کان اوچائي 70 فوٽ آهي. هي قلعو 1790ع ۾ رياست خيرپور جي پھرئين حڪمران مير سھراب خان، رياست جي حدن جي حفاظت خاطر، وزير سرائي محمد صالح زهري جي نگرانيءَ ۾ ٺھرائڻ شروع ڪيو، جيڪو 1797ع ۾ ٺھي راس ٿيو. ان وقت جوڌپور ۽ جيسلمير رياستن جا ماڻهو مسلسل ڏڪار سبب روزگار جي تلاش ۾ هتي آيا. مير صاحبن افرادي قوت جو فائدو وٺڻ ۽ ماڻهن کي مزدوري مھيا ڪري ڏيڻ خاطر ڪوٽ ڏيجي شھر اندر هن قلعي جي اڏاوت شروع ڪرائي. قلعي تي ڪم ڪندڙن کي روزانو جوئر جي هڪ پاٽي ملندي هئي. قلعي جي جُڙي راس ٿيڻ تي ان جو نالو ’قلعو احمدآباد‘ رکيو ويو. هي قلعو خالص فوجي، دفاعي ۽ انتظامي مقصدن لاءِ تعمير ڪيو ويو هو. جتي هڪ ’نواب‘ جي نگراني هيٺ 500 سپاهين جو جٿو 100 توپن سميت مقرر ڪيو ويو ۽ اهو سلسلو گهاٽي واڌي سان 1843ع تائين جاري رهيو. رياست خيرپور جو انگريزن جي ماتحت هئڻ بعد هن قلعي کي انگريزن ’جيل خاني‘ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. قلعي جي ٻاهران ’فيض باغ‘ جي نالي سان هڪ سھڻو باغيچو هو، جنھن ۾ مير صاحب ٻاهران آيل مھمانن سان ملاقات ڪندو هو. قلعي جي رهائشي علائقي تائين پھچڻ لاءِ ٽن وڏن دروازن مان گذري وڃڻو پوي ٿو. اِهي ٽئي دروازا نھايت مضبوط ڪاٺ جا ٺھيل آهن، جن کي هاٿين جي حملي کان بچاءَ لاءِ ٿلھا نوڪدار لوهي ڪِلَ لڳل آهن. پھريون ۽ مکيہ دروازو 15 فوٽ ڊگهو ۽ 10 فوٽ ويڪرو آهي. منجهس 234 لوهي ڪل لڳل آهن ۽ دروازي جي اندرئين پاسي چڙهڻ لاءِ هڪ ڏاڪڻ آهي، جنھن کي 39 ڏاڪا آهن. پھريون دروازو پار ڪرڻ بعد هڪ وڏي چاڙهي چڙهي موڙ ڪاٽي مٿي اچبو تہ ٻيو وڏو دروازو آهي. هن کي 208 لوهي ڪل لڳل آهن، جنھن جي اوچائي 13 فوٽ آهي. ان جي پاسي واري ڏاڪڻ کي 30 ڏاڪا آهن. اهو دروازو پار ڪري ٿورو اڳڀرو هلبو تہ قلعي جو ٽيون ۽ آخري دروازو آهي، جنھن کي 177 لوهي ڪل لڳل آهن. ٽئين دروازي جي پويان ۽ مٿان فتح برج جُڙيل آهي. فتح برج هيٺان ويڪرو ۽ مٿي سوڙهو ٿيندو وڃي ٿو، هن برج تان ڪوٽ تي آسانيءَ سان نظر رکي سگهجي ٿي. برج جي هيٺان سرنگهہ نما جاءِ مان گذري ماڻهو قلعي ۾ داخل ٿي سگهي ٿو. دروازي جي ٻاهران ساڄي پاسي توپن جي گولن رکڻ لاءِ جايون آهن. جڏهن سامھون ميدان ۾ پھچبو تہ هڪ ڪمري نما بنا ڇت جي جاءِ نظر ايندي، ان ديوار ۾ 150 جارا آهن. کاٻي پاسي هڪ حوض آهي. هي حوض قلعي اندر رهندڙ ماڻهن کي پاڻي پھچائڻ يا ذخيرو ڪرڻ لاءِ جوڙايو ويو هو. قلعي جي چوڌاري توپن رکڻ يا محافظ بيھارڻ لاءِ برج آهن، جن تي پنھنجي وقت جون مشھور ميراڻيون توپون ‘صفا صفا’ ۽ ‘ملڪ ميدان’ رکيل هيون. ٽئين مکيہ دروازي جي ساڄي يا اتر پاسي ٿورو اڳڀرو مير صاحبن جي رهائشگاھہ يا حرم آهي. هن حرم جون ٻاهريون ڀتيون ۽ بورچيخاني وارو حصو ڪچو آهي. ڪن روايتن موجب رياست جو خزانو پڻ هتي ئي رکيو ويندو هو. حرم جي ٻاهران کليل ميدان آهي، جنھن جي وچ تي هڪ ٿلھو ٺھيل آهي. هي ٿلھو ڪچھري، سماع جي محفلن ۽ سلاميءَ جي چبوتري طور ڪتب ايندو هو. اتر پاسي قلعي جي آخري ڇيڙي تي جيسلمير ٺل ڀرسان رياست جي واليءَ جو پٿر مان ٺھيل خوبصورت تختگاھہ آهي. ان جي ڀرسان مشھور ۽ هن قلعي جي وڏي ۾ وڏي توپ ’مريم‘ رکيل هئي. (جيڪا هاڻِ قومي شاهراھہ تي خيرپور پوليس لائين آڏو رکيل آهي) ۽ اولھه پاسي ‘شيدياڻي’ توپ رکيل هئي. ميرن جي حرم جي سامھون وارو حصو جنم ٽيپ يا عمر قيد جي سزا وارن قيدين لاءِ ’جيل خاني‘ ۾ تبديل ڪيو ويو هو. هن قلعي جي ڀرسان 5 هزار سال پراڻا آثار کوٽي هٿ ڪيا ويا آهن. جنھن مان ڪوٽ ڏيجي واري مقام جي قدامت جو اندازو ڪري سگهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو