ڪوٽڙي: حيدرآباد کان اولھه طرف سنڌو جي الھندي ڪناري تي هڪ شھر. هي شھر ڄامشوري ضلعي ۾ تعلقي جي حيثيت رکندڙ آهي. هتي شايد ڪڏهن ڪو ننڍڙو ڪوٽ يا ڪا واپاري ڪوٺڙي هئي. جنھن ڪري هي شھر ڪوٽڙيءَ جي نالي سان مشھور ٿيو. ڪوٽڙي شھر سنڌو نديءَ جي ڪناري تي هئڻ ڪري بندرگاھہ جي حيثيت رکي ٿو. هي پراڻو بندر آهي. اصل ۾ ڪوٽڙي شھر جي وجود ۾ اچڻ جو بنيادي سبب اهو بندرگاھہ آهي. 1828ع کان اڳ ڪوٽڙي شھر جو ڪوبه وجود نہ هو. اهو فقط سنڌو نديءَ جي ڪپ تي هڪ ننڍڙو پتڻ هو. جتي ٻيڙيون سامان لاهينديون ۽ کڻنديون هيون، جتي ملڪن جا ٻہ ماڻهو موجود هوندا هئا، جيڪي ٻيڙين تان انھن جي طرفان ناڪو وصول ڪندا هئا. 1835ع ۾ انگريزن هندستان سان واپار جو سلسلو جاري ڪيو ۽ سنڌو نديءَ تي قبضو ڄمائڻ جي خيال سان ’انڊس فلوٽيل‘ نالي هڪ ڪمپني کولي، انهيءَ ڪمپنيءَ جي وڏي آفيس بمبئي ۾ هئي پر سنڌو نديءَ تي سندن مرڪز ڪوٽڙي ۾ هو، جتي هن وقت تعلقي آفيس آهي، اتي هڪ ننڍڙو قلعو هو، جنھن جي ايراضي 338x338x21 هئي، جنھن تي ڪل خرچ 20103 روپيا آيو هو. 1843ع ۾ انگريزن جي اچڻ کان پوءِ ڪوٽڙي بندرگاھہ ۾ ڪجهہ سڌارو آيو ۽ سالياني لکين رُپيا ڪمائي ٿيندي هئي، پر پوءِ رستن وغيرہ جي نڪرڻ ڪري ڪمائي گهٽجي ويئي، ريلوي اسٽيشن ٺھڻ ڪري ريلوي جا ملازم ڪوٽڙيءَ ۾ اچي آباد ٿيا ۽ شھر جي آباديءَ ۾ اضافو ٿيو. 1854ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر سربارٽل فريئر جي زال ليڊي ڪيٿرين آرٿر ڪوٽڙيءَ ۾ هڪ ديول ٺھرايو، جيڪو 1888ع ۾ جڙي راس ٿيو. ڪوٽڙيءَ ۾ مسلمان، هندو، ڪجهہ انگريز ۽ پارسي رهندا هئا. 1872ع ڌاري ڪوٽڙي شھر جي آبادي 7949 هئي، جنھن ۾ 304 ڪرستان هوندا هئا. پارسين جو مقام ڪوٽڙي شھر کان اولھه طرف اڄ بہ موجود آهي. شھر ۾ ٻہ وڏا باغ هئا، جن مان هڪڙو انڊس فلوٽيلا جي سپرنٽينڊنٽ مسٽر ولڪسن جو هو، جيڪو ڪجهہ وقت ڪاميري باغ جي نالي سان سڏبو هو، اڄ اتي غريب آباد ڪالوني آهي پر وڻ ختم ٿي ويا آهن. ٻيو باغ هندن جو خانگي باغ هو، جو پھرئين باغ کان بہ وڌيڪ مشھور هو. 1883ع ڌاري پڪي مارڪيٽ، ڪاردار مسافرن لاءِ ڊاڪ بنگلو تعمير ٿيو، جنھن ۾ گوا کان آيل بورچي رهندا هئا. ان کانسواءِ هڪ گورنمينٽ اسڪول، پبلڪ لئبريري ۽ مڪينڪ انسٽيٽيوٽ هو. هاڻوڪي تعلقي آفيس واري بلڊنگ ۾ سول اسپتال هئي، جتي بمبئيءَ جا مشھور ڊاڪٽر علاج ڪندا هئا. جڏهن تہ ڌرمشالا، ڊاڪ بنگلو، ڪچو جيل، ڍڪ، ميونسپل آفيس، پوسٽ آفيس، ٽيليگراف آفيس وغيرہ اڄ بہ موجود آهن. ڪوٽڙي جو شھر درياءَ جي ڪنڌيءَ تي هئڻ ڪري سنڌو نديءَ جي سالياني اٿل سبب شھر ۾ ڪيترا ڀيرا ٻوڏون بہ آيون.