ڪوٽڙي پل

ڪوٽڙي پل

ڪوٽڙي پل

ڪوٽڙي پل: انگريزن جي دؤر ۾ ڪوٽڙيءَ ۾ سنڌو درياھہ تي ٺھيل پھرين پل جو بنياد 1897ع ۾ رکيو ويو. جيڪا ٽن سالن جي عرصي ۾ ٺھي راس ٿي. هيءَ پل ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد جي وچان وهندڙ سنڌو درياھہ جي ساڄي ۽ کاٻي ڪنارن کي ڳنڍي ٿي. پل 25 مئي 1900ع تي جڙي راس ٿيڻ کان پوءِ آمدو رفت لاءِ کولي وئي. پُل جي 1931ع ۾ مرمت ڪئي وئي. پل جي ڊيگهہ هڪ هزار نو سؤ اٺيتاليھه 1948 فوٽ آهي. جنھن تي لاڳت ۽ خرچ ٽيويھه هزار پنجويھه رپيا ٿيو هو. پاڻيءَ ۾ پيڙھہ جي پٿر جي اونهائي اڻونجاھہ کان سٺ فوٽن تائين آهي. ڪوٽڙيءَ پل جي ٻنهي پاسن کان عام گاڏين جي اچ- وڃ لاءِ پڪا رستا پڻ ٺھيل آهن.


لفظ ڪوٽڙي پلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1900.05.25  عيسوي

هيءَ پل ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد جي وچان وهندڙ سنڌو درياهه جي ساڄي ۽ کاٻي ڪنارن کي ڳنڍي ٿي. پل 25 مئي 1900ع تي جڙي راس ٿيڻ کان پوءِ آمدو رفت لاءِ کولي وئي.



درياھ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چورگپ
ڀِڪَ
حيدري ڦاٽ
سير واھہ ساروھہ وهڪرو
دامن درياھہ
اَنڌي جي ڪسي
جِهرڪِي1 (مڇي)
ڌار ڌارا
ستلج ندي
خيرو ديرو
درياھ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون