ڪوٽڙي ڪبير (شھر): ڪوٽڙي ڪبير ضلعي نوشھري فيروز ۾ بھلاڻي شھر کان چئن پنجن ميلن جي مفاصلي تي آهي. چيو وڃي ٿو تہ ڪوٽڙي ڪبير وارن ڀٽن تي گهڻو آڳاٽي دور ۾ هڪ شھر آباد هو، راجا راءِ سھاسيءَ جي دور ۾ هن علائقي جو نالو راءِ ڳڙھہ هو ۽ شھر جو نالو ’راءِ ڪوٽ‘ هو. راءِ سھاسي هتي هڪ ڪوٽ (قلعو) بہ تعمير ڪرايو هو، جنھن جا ڪي نشان اڄ بہ موجود آهن. اهڙيءَ طرح عربن جي ڪاھہ کان اڳ هن شھر جي موجود هئڻ جا بہ ڪي حوالا ملن ٿا، ڪن محققن جي چوڻ موجب محمد بن قاسم شھر فتح ڪرڻ کان پوءِ ’محمد درويش‘ نالي هڪ عرب کي قلعيدار مقرر ڪيو ۽ شھر جي حفاظت لاءِ فوجي جٿو مقرر ڪيو هو. محمد درويش، بن وليد'>خالد بن وليد جي اولاد مان هو، ڪن محققن موجب ان جو نالو محمد اسحاق هو، جنھن هن شھر جي هڪ معزز گهراڻي مان شادي ڪئي هئي. ڪبير نالي انهيءَ پيڙهيءَ مان هو. نواب محمد اسحاق جي اٺين پيڙهيءَ مان مخدوم محمد ڪبير 900ھہ/1494ع ۾ پيدا ٿيو، جنھن آڳاٽي شھر جي اولھه طرف رهائش اختيار ڪئي، جتي هن ڪچو ڪوٽ تعمير ڪرايو هو ۽ رهڻ لاءِ ڪوٽ ۾ هڪ ڪوٺڙي پڻ تعمير ڪئي هئي. آهستي آهستي ان ڪوٽ جي ڀر ۾ آبادي وڌڻ لڳي ۽ اهو هنڌ ارغونن ۽ ترخانن جي حملي واري دور تائين چڱي آباديءَ وارو شھر هو. عام رستي تي هئڻ سبب هي شھر ڪيترن ئي حملن جو شڪار رهيو. مختلف وقتن ۾ حملي آورن شھر ۾ ڦرلٽ ڪري ان کي گهڻو نقصان پھچايو. ڪلهوڙن جي پوئين دور ۾ مدد خان پٺاڻ جي حملي ۾ گهڻي تباهي ٿي. شھر جي ڏکڻ ۾ قبرستان آهي، جيڪو ’سوا لکي‘ نالي سان مشھور آهي، هن قبرستان ۾ ڪيترا ئي عالم ۽ بزرگ مدفون آهن. ڪوٽڙي ڪبير جي باني مخدوم محمد ڪبير جي مسجد ۽ سندس روضو اڄ بہ موجود آهن.