ڪوٽ بجر (ماڳ): هي ڪوٽ تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ ۾ جهول شھر کان ٻہ ميل ڏکڻ ۾ آهي. هن وقت ڪوٽ مڪمل ختم ٿي چڪو آهي پر ڪوٽ جي بنيادن ۽ ٻين رھائشي يا گُدامن طور استعمال ٿيندڙ جاين جا آثار موجود آھن. ان جاءِ تان ڪڏھن ڪڏھن ٺڪر جي ٿانون جا ٽڪرا ملندا آھن. ڪوٽ بجر جي ڀر ۾ لانياريءَ جي تاريخي جنگ، مير بجر خان ۽ تاجو ليکيءَ جي وچ ۾ لڳي ھئي. لانياريءَ جهول کان پنج ميل پڪي روڊ جي ڏکڻ طرف ۽ شاھہ ڪئنال جي اوڀر طرف آھي، جنھن کي ’مارو‘ چوندا آھن.