ڪوٽ غلام شاهه (ڪوٽ): هي ننڍڙو ڪوٽ تعلقي قنبر جي ديھه هليلا ۾ آهي، جيڪو ڪوٽ قنبر کان 8 ڪلوميٽرن تي ميرو خان - قنبر روڊ تي آهي. اوڏڪي مٽيءَ سان جڙيل هيءُ ڪوٽ هم چورس آهي، جنھن جي هر ٻانھين 188 فوٽ بيھي ٿي. ڪوٽ جي بنيادن وٽ ٿولهه 7 فوٽ آهي، پر موجوده وقت ڀُرندي ڀُرندي 1.3 فوٽ وڃي بچي آهي. ڪوٽ جي سراسري بلندي 15 فوٽ آهي، ڪوٽ جي ديوار کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ٻاهران ٿوري ٿوري فاصلي تي پشتا پڻ ڏنا ويا آهن. ڪوٽ کي چئن ڪنڊن تي وڏا شاهي برج آهن، جيڪي هن وقت زبون حالت ۾ آهن. هر برج جو قطر 20 فوٽ آهي. برجن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اندران لنگهه آهن. ڪوٽ کي اوڀر پاسي کان هڪ داخلي دروازو آهي. هن دروازي جي ويڪر 12 فوٽ آهي. مگسي قبيلي جي ماڻهن جي دعويٰ آهي ته هيءُ ڪوٽ سندن وڏي غلام شاهه مگسي ٺھرايو هو. جڏهن ته سيد امام راشديءَ (ٽماهي مھراڻ، 34/1998ع) ۾ هن کي سنڌ جي نالي واري حڪمران غلام شاهه ڪلهوڙي جو ٺھرايل ڄاڻايو آهي.هن وقت ڪوٽ اندر قبرستان آهي. پير گلاب شاهه جي مزار به ڪوٽ اندر ئي آهي، جنھن جي تدفين ڪوٽ ويران ٿيڻ بعد ڪيل آهي. ڪوٽ جي اڏاوت وقت اتر پاسي کان هڪ کڏ مان مٽي کنئي وئي هئي، جنھن کڏ کي مقامي ماڻهو ’ميرن جو ڪنب‘ ڪري ڪوٺين ٿا.