ڪوٽ غلام محمد: ڪوٽ غلام محمد ڀرڳڙي شھرضلعي ميرپورخاص ۾ ٽائون ڪميٽي ۽ تعلقي جو درجو رکي ٿو. ھي شھر ميرپور خاص کان 45 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آھي. جنھن کي اوڻھين صدي عيسويءَ ۾ انگريزجيمس برنس جوڙايو. ان جي نسبت سان شھر جو نالو جيمس آباد رکيو ويو. 1920ع ۾ ھن کيتعلقي جي حيثيت ملي، اڳتي ھلي ھن شھر کي ھڪ ٽائون ڪميٽيءَ جو درجو به ڏنو ويو. روڊ رستيھي شھر ميرپور خاص، ساماري ۽ ٻين شھرن سان ڳنڍيل آھي. ھن شھر جو 1980ع ۾ نالو مٽائي، سنڌ جي محب وطن سياستدان غلام محمد ڀرڳڙيءَ جي نالي سان منسوب ڪيو ويو. شھر جي آبادي 70 ھزار کان وڌيڪ آھي. شھر جي ڀرسان تمام وڏو ميون جو خانگي باغ ’ڪاڇيلو فارم‘پڻ موجود آهي.