ڪوٽ لکپت: لاهور ۾، گلبرگ تعلقي جي هڪ يونين ڪائونسل، جيڪا رهائشي ۽ صنعتي علائقن تي مشتمل آهي. هي علائقو ٽائون شپ ۽ ڊفينس جي ويجهو واقع آهي. هن علائقي ۾ ڪوٽ لکپت ريلوي اسٽيشن، لاهور پريس ڪلب، قائد اعظم انڊسٽريل اسٽيٽ ۽ ڪوٽ لکپت جيل موجود آهن. ريلوي اسٽيشن جي هڪ پاسي ماڊل ٽائون جو سرسبز علائقو ته ٻئي پاسي ڳُتيل آباديءَ وارو ’چونگي امر سدهو‘ جا علائقا موجود آهن. ريلوي اسٽيشن ويجهو ئي فيروزپور روڊ ۽ ميٽرو بس جو رستو آهي. ڪوٽ لکپت جيل ۾ ملڪ جي اعليٰ سياسي قيادت کي مختلف وقتن تي قيد ۾ رکيو ويو آهي.