ڪوٽ واري ڀِٽ

ڪوٽ واري ڀِٽ (دڙو): هي قديم دڙو ڳوٺ حاجي ملوڪ ويجهو ديھه گجرو، تعلقي نوابشاھه ۾ آهي. هن دڙي کان اولھه ۾ ٽن ڪلو ميٽرن تي کاڻوٺ جو ڳوٺ، ڇھن ڪلوميٽرن تي ڄام صاحب جو ڳوٺ ۽ اوڀر ۾ هڪ ڪلو ميٽر تي غلام ڏاھريءَ جو ڳوٺ آھي. نواب شاھه جو شھر ھتان کان 30 ڪلوميٽ اولھه ۾ آھي. دڙو اتر ڏکڻ ڊيگهه ۾ 600 ميٽر، اوڀر اولھه ويڪر ۾ 400 ميٽر۽ 9 ميٽر اوچو آھي. سڄي دڙي تي جهنگ موجود آهي. مٿاڇري تي سرن جا اڌڙ، ڀڳل ٿانوَ جن ۾ پاٽيون، لوٽا ۽ ڪُنا وغيره شامل آهن انهن مان ڪي چٽيل ته ڪي لسا آهن. ٺڪراٺو گهڻو ڪري ھلڪي ڳاڙھي رنگ جو آھي، مٿن چِٽ، ڪاري ليڪ سان سڌا ٽٻڪا ۽ انگڙ ونگڙ ليڪون آھن. کرچيل پيلو ٺڪر ڪارو ۽ چمڪندڙ رنگ جو آھي. ھي دڙو 6 صدي عيسويءَ کان 12 صدي عيسويءَ تائين جي وچ واري دور جو ڄاڻايو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو