ڪوٽ واهه: هيءُ واهه ڍوري ناري شھر ڀرسان فرش موريءَ وٽان ٿر واهه مان نڪري ٿو. ڪوٽ واهه ۽ ڇور واهه ٻئي گڏ نڪرن ٿا. هيءُ ڍوري ناري کان ٿيندو هاڙهه، ڳمھوري ۽ کاروڙي وٽان زمينون آباد ڪندو عمرڪوٽ شھر کي پيئڻ جو پاڻي به مھيا ڪري ٿو. هن واهه تي گهڻي ايراضيءَ جون زمينون آباد ٿين ٿيون. هي روحل واءِ وٽ ڇوڙ ڪري ٿو.