ڪوٽ ورائي جي ڀٽ (ڀڙو): هي ماڳ تعلقي روھڙي، ضلعي سکر ۾ شھر روھڙيءَ کان 43 ڪلوميٽر اتر اولھه ۾ واقع آهي. ھي ماڳ ڊيگهه ۾ اتر ڏکڻ 238 ميٽر ۽ اوڀر اولھه ويڪر ۾ 121 ميٽر آھي. ماڳ جي مٿاڇري تان پٿر جون ڪورون، سنڌو تھذيب وارو پڪل ٺڪراٺو ۽ جانورن جا مجسما لڌا آھن. ٺڪراٺو مختلف نمونن جو آهي، جنھن تي گھرا ڪارا پٽا، ليڪون، مختلف رنگن جا عڪس ۽ گولڙا نظر اچن ٿا. سادا، چٽيل ڪنا، مٺيا، کرچيل ۽ ٺپيل، سڌي توڙي گول تري وارا ٿانو ملن ٿا. هي سنڌو تھذيب جي اوائلي دور جو ماڳ آهي.