ڪوٽ ڪوري (دڙو): هي دڙو پراڻ ڍوري جي ساڄي ڪناري تي علي بندر جي سامھون آهي. علي بندر ڏانھن ويندڙ رستو هن آباديءَ جي وچان گذري ٿو. 10 فوٽ اوچو آهي. دڙي تي پڪين سرن جي اڏاوتن جا نشان، ٺڪراٺو ۽ ٻيون وٿون ملن ٿيون. هتان لڌل وٿون، جن ۾ ڳاڙهي ۽ ڪاري چٽ وارو ٺڪراٺو، ٽونگر ٿانو جو ٺڪراٺو، سپن مان ٺھيل چوڙيون، ٺڪر جون چوڙيون، ٺڪر جون ٽڪيون، ٺڪر جي ڏاندگاڏي، ٻارن جي راند کيڏڻ جا بلور وغيره شامل آهن. هتي پڪين سرن جا ٺھيل گهر پڻ مليا آهن. مقامي ماڻهن سرون ڪڍي ماڳ کي اجاڙي ڇڏيو آهي. ان کانسواءِ هن دڙي جي تباهيءَ جو ٻيو ظاهري سبب سم ۽ ڪلر آهي.