ڪوپرنيڪس: ڪوپرنيڪس جو اصل نالو مائيڪولاج ڪوپرنيڪ هو، پر نڪولس ڪوپرنيڪس جي نالي سان مشھور ٿيو. سندس پيدائش 19 فيبروري 1473ع تي تورن، پولينڊ (Torun, Poland) ۾ ٿي. هن ڪراڪو، بولوگنا، ۽ پادوا ۾ رياضي، فلڪيات، طب ۽ منطق جي سڀني علمن ۾ مھارت حاصل ڪئي. 1497ع ۾ فريونبرگ جي هڪ گرجا گهر ۾ ڪينن (Canon) طور چونڊيو ويو. هن پنھنجي مستحڪم مالي حيثيت جو فائدو وٺي فلڪيات تي تحقيق ۽ مشاهدي جو آغاز ڪيو. 1543ع ۾ آسماني مدارن جي تحقيق بابت ڇھن مسودن تي ٻڌل سندس لکيل ڪتاب ‘Six books concerning the Revolutions of the Heavenly Orbs’ مغربي سوچ لاءِ تاريخي موڙ ثابت ٿيو. هن پنھنجي فلڪياتي مشاهدي جو تصور ڏهاڪو اڳ پيش ڪيو، پر اشاعت ۾ دير ٿي، ڇاڪاڻ ته جڏهن به سيارن جي پوئتي هٽڻ ۽ حرڪت ڪرڻ جي وضاحت ڪئي وئي يا انھن جي ترتيبکي حل ڪيو ٿي ويو ته ان سان نوان مسئلا سامهون پئي آيا. ائين پراڻن مشاهدن جي تصديق جي کيس هر هر ضرورت پئي پَئي. ڪوپرنيڪس اڳيان هڪ رڪاوٽ اها به هئي ته کيس پنھنجو نظريو اهڙي ريت پيش ڪرڻو هو، جيڪو مذهبي اختيارين لاءِ قابل قبول هجي ۽ کين ڪاوڙ نه ڏياري. اهو ئي سبب آهي جو سندس ڪتاب جي ڇپائيءَ وقت هوءَ مرڻ ڪنڌي تي هو. زمين جي پنھنجي محور گردش (هڪ ڦيرو مڪمل ڪرڻ) وارو سندس نظريو جديد سائنسي تحقيق لاءِ پيڙهه جو پٿر ثابت ٿيو. هن زور ڏنو ته فلڪيات کي مافوق الفِطرت بجاءِ دنيا جي حقيقي ۽ طبعي نظام ۾ بيان ڪرڻ گهرجي. اڳتي هلي جوهانس ڪيپلر جي فلڪيات تي ڪيل تحقيق جي مدد سان ڪو پرنيڪس جو ڪائنات جي بنيادي ساخت بابت ڏنل تصور هڪ نئين فلسفي ۾ تبديل ٿي ويو، جنھن کي ڪوپرنيڪس جو نظريو (Copernicus’s theory) چيو ويندو آهي. هن فلڪياتي ماهر 24 مئي 1543ع ۾ فريونبرگ، اوڀر پروشيا ۾ وفات ڪئي.
1473.02.19 عيسوي
ڪوپرنيڪس جو اصل نالو مائيڪولاج ڪوپرنيڪ هو، پر نڪولس ڪوپرنيڪس جي نالي سان مشھور ٿيو. سندس پيدائش 19 فيبروري 1473ع تي تورن، پولينڊ (Torun, Poland) ۾ ٿي.
1543.05.24 عيسوي
ڪوپرنيڪس 24 مئي 1543ع ۾ فريونبرگ، اوڀر پروشيا ۾ وفات ڪئي.