ڪوڏاڻا

ڪوڏاڻا(لوڪ گيت): ڪوڏاڻو لفظ ڪوڏ مان نڪتو آهي، جنھن جي معنيٰ آهي خوشي. ڪوڏاڻو، جنھن جو ڇيد ٿيندو ڪوڏ وارو يعني خوشيءَ وارو يا لاڏ ڪوڏ سان چيل گيت. ڪوڏاڻو اهڙو لوڪ گيت آهي، جيڪو گهڻو ڪري سنڌ جون مائرون چونديون آهن. ڪوڏاڻو مخصوص سنڌي لوڪ گيت آهي. ڪوڏاڻو گيت ٻار جي امڙ، ڏاڏي، ناني يا ٻي ننڍڙي ٻار کي هنج ۾کڻي يا ٻانھن ۾ جهلي کيس ڪڏائيندي، سندس واکاڻ ڪندي ۽ دعائون ڏيندي ڳائيندي آهي. ڪوڏاڻي کي لوليءَ جو هڪ قسم به چيو وڃي ٿو، پر ٻنهي ۾ فرق آهي. لولي ٻار کي ريجهائڻ يا ننڊ ڪرائڻ لاءِ پينگهي ۾ ڏني وينديآهي، ڪوڏاڻو ٻار کي ڪُڏائڻ يا کيڏائڻ لاءِ چيو ويندو آهي.


لفظ ڪوڏاڻاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو