ڪوڏيون (راند/ زيور): ڪوڏين سان ڪيتريون رانديون ڪيون وينديون آهن، خاص ڪري ڇوڪريون ڪوڏين واري راند شوق سان کيڏن، مرد ڪوڏين سان چوپڙ راند ڪن، جنھن کي چيلو چنر به چيو ويندو آهي. آڳاٽي دور ۾ ڪوڏيون ناڻي طور ڪم اينديون هيون، خاص ڪري جن کي سچيون ڪوڏيون چوندا هئا. ڪوڏين جي ملھه جي جدول هيٺ ڏجي ٿي.
چار ڪوڏيون = هڪ چؤنڪ، پنج چؤنڪ = هڪ پائي، ٽي پايون = هڪ پيسو، ٻه پئسا = هڪ ٽڪو، ٻه ٽڪا = هڪ آنو، چار آنا = هڪ پائلي، ٻه پائليون = هڪ آڌيو، چار پائليون = ٻه آڌيا، اٺ ٻيانيون = سورهن آنا، سورهن آنا = هڪ روپيو.
ٻي جدول: چار ڪوڏيون = هڪ چؤنڪ، چار چؤنڪ = هڪ ڪسيرو، ٻه ڪسيرا = هڪ آڌيلو، ٻه آڌيلا = هڪ پئسو، ٻه پئسا = هڪ ٽڪو، ٻه ٽڪا = هڪ آنو، سورهن آنا = هڪ روپيو.