ڪوڙي

ڪوڙي (رسم): هندو برادرين خاص طور راجپوت قبيلن ۾ مرڻي جي رسمن ۾ ٻارس کان پوءِ سنکو ڏار جي رسم ادا ڪئي ويندي آهي. سنکو ڏار اصل ۾ سنک-دار مان نڪتل آهي، جنھن جي معنيٰ آهي سنک وڄائڻ وارو. هي رسم سامي ٻاوا ادا ڪندا آهن. سنکو ڏار جي رسم ۾ جيڪا پرساد ورهائي ويندي آهي، تنھن کي ’ڪوڙي‘ سڏيو ويندو آهي. ’ڪوڙيڪڻڪ جي مانيءَ کي نج گيھه ۽ ڳڙ ۾ چُورو ڪري ٺاهي ويندي آهي.


لفظ ڪوڙيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو