ڪوڙڪي جو شڪار

ڪوڙڪي جو شڪار: هي شڪار جو هڪ خاص طريقو آهي. هن ۾ لوهي چمٽا به استعمال ٿيندا آهن، جن ۾ ڪماڻون ٺھيل هونديون آهن، شڪاري انهن ڪماڻين کي چمٽي جي مدد سان ڇڪي، ڪوڙڪيءَ جي ڪُنڍي ۾ ڦاسائي زمين ۾ پوري ڇڏيندا آهن ۽ آس پاس جا گهٽ گهيڙ بند ڪري، پڃري ۾ پيل تتر کي ٻولائيندا ته جهنگلي تتر ويڙهه يا قربت جي خيال کان ڪوڙڪي جي مٿان اچي چڙهندو. ڪوڙڪي تي پير اچڻ سان ڪوڙڪي/کلي ڇٽي پوندي ۽ پکيءَ جون ٽنگون ڦاسي پونديون آهن، ماري ان وقت کڏڻي مان نڪري ڪوڙڪيءَ مان اچي تتر ڪڍندو. ڍٻي ۽ چوڻ به ساڳيو طريقو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو