ڪوڪلتاش جي قبر(مقبرو): سلطان محمود بکري ڪوڪلتاش جي قبر، معصوم شاھه جي مناري کان اتر طرف ملٽري ڪوارٽرس سکر ۾ ھڪ ٿلهي تي آھي. ٿلهو 10 فوٽ ھم چورس آھي. سرون سنھيون ۽ ڪاشيءَ جون استعمال ٿيل آھن. سلطان محمود ولد مير فاضل ڪوڪلتاش 898هه/1493ع ۾ مرزا شاھه حسن سان گڏ سنڌ ۾ آيو هو ۽ مرزا شاھه حسن ارغون جي وقت بکر جو گورنر ھو. ڪوڪلتاش سنڌ ۾ حڪمران طور سڃاتو وڃي ٿو.