ڪوڪو ڳھ

ڪوڪو ڳھ

ڪوڪو

ڪوڪو (ڳھه): هي هيري جي شڪل تي، گول ۽ لسي منھن وارو، نڪ ۾ پائڻ جو هڪ ڳھه آهي ۽ مٿس جڙاءُ ڪونه ٿئي. ڪوڪو ڦليءَ جو سڌريل قسم آهي، ڦلي جنھن ۾ جڙائون هونديون پر گهگهرو ڪونه هوندا. ڪوڪو ڦلين جي بدلي پاتو ويندو آهي. عورت نٿ واري سوراخ کي خالي نه ڇڏيندي آهي. ڇو ته خالي ڇڏڻ سان سوراخ بند ٿي ويندو آهي. ان ڪري هيري جھڙو هي ننڍڙو ڳھه سنڌ جي عورت عام طور پائيندي آهي. ڪوڪو، هيرو ۽ لؤنگ ٽئي هڪ ڳھه جا نالا آهن، پر بناوت ۾ ڪجهه فرق آهي. ڪوڪو اڪثر سون مان گهڙجي، پر ڪٿي ڪٿي چانديءَ مان به ٺاهيو ويندو آهي.


لفظ ڪوڪوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو