ڪيري ناٿ مندر

ڪيري ناٿ مندر: سوامي ڪيري ناٿ پارڪر واري خطي ۾ اهم يوگي سوامي ناٿ پنٿي ٿي گذريو آهي، جنھن جو ننگرپارڪر جي ڳوٺ ساڪر ويريءَ جي جابلو پٽيءَ تي مندر جڙيل آهي. سوامي ڪيري ناٿ ڪارونجهر جي پھاڙي سلسلي ۾ ننگرپارڪر کان ڪاسٻي ويندڙ روڊ جي الھندي پاسي واري ٽڪريءَ تي به جوڳ آسڻ قائم ڪيو هو. انهيءَ ٽڪريءَ کي ڪيريو ڏونگر سڏيو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو