ڪيرٽي (ماڳ): هي قديم ماڳ ٿرپارڪر ضلعي ۾ مٺي شھر کان 12 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر طرف نئين ڪوٽ واري رستي ڀرسان آهي. جيڪو زمين جي سطح کان 10 کان 15 فوٽ اوچو آهي. ماضيءَ ۾ هتي چڱو شھر هو، جنھن جو سنڌ ۽ راجسٿان سان ڳانڍاپو هو. هي شھر مڪواڻن جي مقامي حڪومت جي گاديءَ جو هنڌ پڻ هو. ڪيسر مڪواڻو مشھور حڪمران ٿي گذريو آهي. ڪيرٽيءَ ۾ هن وقت به پراڻا کنڊر ۽ عمارتن جا آثار موجود آهن. جڏهن ته قديم تلاءُ پڻ موجود آهي، جتي برساتن ۾ چڱو پاڻي گڏ ٿيندو آهي. تلاءَ جي ڀرسان کٽين جو پاڙو هو، جنھن ڪري اهو تلاءُ اڄ به کٽين جي نالي سان سڏجي ٿو. ڪيرٽي جي ڀر ۾ هڪ پراڻو کوهه موجود آهي، جيڪو ’ڪيسريا ڪوئان‘ سڏبو آهي. ’گجراتي اتھاس‘ ۾ هن شھر کي ڪٿي ’ڪيرنٽي گڍ‘ ته ڪٿي ڪٿي ڪڙلي نگر لکيو ويو آهي. جڏهن ته جهالاواڙ جيالاجي ۾ هن شھر جو نالو ’ڪرتني‘ ۽ ’ڪرتني گڍ‘ ڄاڻايل آهي.