
ڊاڪٽرڪيشوداس
ڪيشوداس، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو ڪھاڻيڪار ڊاڪٽر ڪيشوداس ولد ڏيون داس چوهڙ جمالي، تعلقي شاهبندر، ضلعي سجاول ۾ 3 مارچ 1964ع تي ڄائو. هن 1989ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج حيدرآباد مان BDS ڪئي. ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران ڪھاڻيون لکڻ لڳو. سندس ڪيتريون ئي ڪھاڻيون ڇپيل آهن. 1991ع کان 2001ع ۾ ڊينٽل سرجن طور ڪم ڪندو رهيو ۽ 2001ع ۾ سرڪاري نوڪري ۾ آيو، جتان رٽائرڊ ٿي چڪو آهي.