ڪيف رضواني

ڪيف رضواني: شاعر ۽ ڊراما نويس ڪيف رضوانيءَ جو اصل نالو فخرالحسن آهي، هن 1940ع ڌاري هندستان جي شھر حيدرآباد دکن ۾ جنم ورتو. سندس والدين اصل ڀوپال شھر جا رهاڪو هئا. رضواني ورهاڱي بعد ڪراچيءَ آيو ۽ پوءِ 1972ع ڌاري لاڙڪاڻي ۾ اچي رهيو. جتي کيس بھتر ادبي ماحول ميسر ٿيو. پاڻ ڳائيندو به آهي. هن ڪيترين اردو فلمن لاءِ گيت لکيا، جن ۾: ’تهذيب‘، ’پرائی بیٹی‘، ’ناداں‘، ’جہان برف گرتی ہو‘، ’بواءِ فرینڈ ‘ ۽ ٻيون ڪيتريون فلمون اچي وڃن ٿيون. هن جو شاعري ۽ اخباري ڪالمن تي مشتمل هڪ ٻٽو ڪتاب ’سحرگزيده-ڪاناڦوسي‘ جي نالي سان شايع ٿيل آهي. پي. ٽي. وي جو مشھور اردو دستاويزي ڊرامو ’جناح سي قائداعظم‘ سندس تحرير ڪيل آهي، هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو


هن صفحي کي شيئر ڪريو